سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايس ايس پي سکر کي اغوا ڄاڻايل آسيه بلو ۽ وسيمان کي بازياب ڪرائي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، پنوعاقل جي ڳوٺ شهبازي بلو واسڻ آسيه بلو ۽ وسيمان جي بازيابي واري درخواست جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل سنگل بئنچ ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران ايس ايس پي سکر امجد شيخ، ڊي ايس پي عبدالستار ڦل ۽ پوليس عملدار پيش ٿيا، وڪيل عتيق الرحمان سومرو موجب ناري آسيه بلو جي عبدالقدوس سان شادي ٿيل آهي، آسيه بلو مڙس عبدالقدوس بلو کان طلاق وٺڻ لاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرايو، طلاق جو ڪيس داخل ڪرائڻ کانپوءِ ٽي مهينا اڳ جوابدار عبدالقدوس بلو آسيه ۽ وسيمان کي اغوا ڪري قيد ڪري رکيو آهي، ناري آسيه ۽ وسيمان جي حياتي کي خطرو آهي، عدالت ايس ايس پي سکر کي اغوا ڄاڻايلن کي بازياب ڪرائي 3 فيبروري تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.