حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف داخل پٽيشنز تي معاونت لاءِ وڪيل عشرت علي لوهر ۽ سجاد احمد چانڊيو کي مقرر ڪيو هو. ٻنهي وڪيلن وفد جي صورت ۾ ڪارونجهر پهچي سروي بعد عدالت کي آگاهي ڏني هئي. معاونت لاءِ مقرر ڪيل وڪيل عشرت علي لوهر جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ 6 کان 8 اهڙا ھنڌ آهن جيڪي ورلڊ ھيريٽيج ڊڪليئر ٿيل آھن جنھن ۾ سنڌ جا موھن جو دڙو ۽ مڪلي به شامل آهن. هن چيو ته 26 ماڳ توڙي مڪانن جي جيڪا لسٽ يونيسڪو وٽ ويل آھي ان ۾ ڪارونجھر به شامل آھي پر اھا اڃا پينڊنگ ۾ آھي. هن چيو ته ڪارونجھر ۾ 109 ٽڪريون آھن، 45 کان 50 ٽڪرين تي مذهبي عبادت گاھون به آھن جنهن بابت عدالت پاران تفصيلي فيصلي ۾ به ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ عدالت حڪم ڏنو آهي ته ميسارجي ويل مندر، مسجدون توڙي ٻيون عبادتگاهون اصل حالت ۾ بحال ڪري انهن جي سار سنڀال ڪئي وڃي. وڪيل سجاد احمد چانڊيو چيو ته عدالت پاران حڪم ڏنا ويا آهن ته ڪارونجهر جبل توڙي ان جي ڀرپاسي وارين سمورن هنڌن جي هٿ چراند نه ڪئي وڃي. آرڪيالاجي کاتي کي عدالت حڪم ڏنو آهي ته هو تاريخي ورثي ڪارونجهر کي عالمي معيار جو بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري جڏهن ته اتي موجود مختلف قسم جي پکين توڙي جانورن جي جياپي لاءِ به قدم کنيا وڃن.