حيدرآباد (بيورو رپورٽ) هاءِ ڪورٽ بار جي سالياني چونڊن لاءِ نامزدگي فارم وصول ڪندڙ 31 اميدوارن جي ڇنڊ ڇاڻ وارو مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي،جن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميٽي جي ڪو چيئرمين احسان علي سيال، ميمبرن محمد سعيد عباسي ۽ اقبال عنايت جتوئي پاران جاري ڪيل لسٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صدر جي عهدي تي ناليوارو قانوندان ماما يوسف لغاري، اياز حسين تنيو ۽ امداد علي انڙ چونڊ وڙهندا. نائب صدر جي عهدي تي عاشق حسين ڊي سولنگي، ڪانجهي مل ميگهواڙ ۽ محمد آصف شيخ، جنرل سيڪريٽري تي غلام اصغر ميربحر، امداد علي انڙ، ميان تاج محمد ڪيريو، محمد آصف شيخ، سجاد احمد چانڊيو ۽ سيد شهزاد علي شاهه اميدوار هوندا. اهڙي ريت جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي لاءِ عبدالله خان لغاري، اختر علي ابڙو ۽ ساجد علي ڳورڙ، لائبريري سيڪريٽري لاءِ امبرين سيال، سعد سلمان غني، سيد حميد علي شاهه، خزانچي لاءِ جهانگير خان ۽ جاويد علي ٻرڙو اميدوار آهن. ايم ايم سي جي 7 عهدن تي اعجاز علي مگسي، فيضان احمد ميمڻ، گلزار علي عالماڻي، محمد حسن مشوري، مشتاق احمد ابڙو، نظيران سومرو، پير غلام فاروق، راشد علي خان، صفدر علي کوکر، ظهير احمد گدي ۽ ظهير علي سومرو اميدوار آهن. هاءِ ڪورٽ بار جي سالياني چونڊ 18 فيبروري تي ٿيندي جنهن لاءِ اميدوارن 14 فيبروري تي نامزدگي فارم وصول ڪيا هئا ۽ جمع ڪرڻ بعد اليڪشن ڪميٽي 17 جنوري تي ڇنڊ ڇاڻ وارو مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو آهي. هاءِ ڪورٽ بار جي آفيس اسسٽنٽ وسيم خواجه جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل اميدوار هاڻي ٽن ڏينهن تائين هڪٻئي جي حق ۾ هٿ کڻي سگهندا جنهن بعد اليڪشن ڪميٽي ايم ايم سي جي 7 عهدن سميت 13 عهدن تي چونڊ وڙهندڙ اميدوارن جي حتمي نالن جو اعلان 21 جنوري تي ڪندي.