دادو ( رپورٽ: فتاح شيخ ) ڊسٽرڪٽ هاءِ ويز کاتي دادو ۾ ڏيڍ ارب روپين جي لاڳت جي 88 ، اسڪيمن تي بنا ڪم ڪرائڻ جي ٺيڪيدارن کي 100 ، سيڪڙو ادائگيون ڪرڻ جو اسڪينڊل سامهون اچي ويو آهي ، دادو جي اڳوڻي ڊي سي غلام مرتضيٰ شاھ ورڪس اينڊ سروس جي سيڪريٽري ، چيئرمين اينٽي ڪرپشن کي جاچ لاء ليٽر موڪلي ڇڏيو آهي ، اڳوڻي ڊي سي دادو موڪليل ليٽر نمبر 1076 ۾ ڄاڻايو آهي ته وفاقي پروگرام سيپ جي 30 ، اسڪيمن لاءِ 65 ڪروڙ روپيا آيا هئا ، جيڪي ڊسٽرڪٽ هاءِ ويز کي ڏنا ويا ، جيڪي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر محمد علي مخدوم، ڊسٽرڪٽ هاءِ وي انجنيئر ڪامران خيبر، ٽينڊر ڪلرڪ عبدالجبار شاهي جي ملي ڀڳت سان ٺيڪيدارن ايڊوانس ادائگيون ڪيون ويون، ساڳئي وقت  هاءِ ويز کاتي پاران اي ڊي پي ، ايم اينڊ آر ۽ لوڪل گورنمنٽ جي مد ۾ 55 ، اسڪيمن تي آيل 85 ڪروڙ روپين جون پڻ ٺيڪيدارن کي ادائگيون ڪيون ويون آهن ، ڊي سي دادو جاري ڪيل ليٽر ۾ ڄاڻايو آهي ته سمورين اسڪيمن تي ڪو به ڪم ناهي ٿيو ته ٺيڪيدارن کي اڳواٽ 100 ، سيڪڙو ادائگيون ڪئين ڪيون ويون ، اڳوڻي ڊي سي جي ليٽر کانپوءِ اينٽي ڪرپشن ڪراچي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ليٽر جاري ڪري هاءِ ويز دادو کي رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ، اڳوڻي ڊي سي جي اهڙي ليٽر تي اينٽي ڪرپشن پاران جاچ شروع ڪرڻ تي دادو جي سگهاري شخصيت اڳوڻي ڊي سي غلام مرتضي شاھ کي لکيل ليٽر واپس وٺڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ باوجود اڳوڻي ڊي سي اهڙو ليٽر واپس وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ، اينٽي ڪرپشن پاران جاچ شروع ڪرڻ تي ڊسٽرڪٽ هاءِ وي جي ڪامورن ۽ ٺيڪيدارن ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو آهي.