اوڏيرولال: 5 مهينا گذرڻ باوجود گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۽ پرائمري اسڪول طاهر هنڱورو ۾ اڃان تائين برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ آهن. اسڪول جي استاد اي ڊي ٽالپر ٽائمز نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته  اسڪول جي چوطرف برساتي پاڻي هجڻ ڪري اسڪول جي شاگردن کي اچ وڃ ۾ سخت تڪليف کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ اسڪول مان پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ اختيارين کي ڪيترائي ڀيرا دانهيو آهي پر ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. هن جو اهو به چوڻ هيو ته اسڪول جي چوڌاري برساتي پاڻي بيهڻ سبب ڪيترائي ٻار مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن.