ها، هيءَ سنڌ آهي!

0
343
ها، هيءَ سنڌ آهي!

 پير صاحب جي درگاهه تي پهتاسين ئي ڪونه ته اڳ ئي اتي ويٺل ملنگ ورائي ويا. ڳالهه ڳالهه تي پير صاحب جو ڪرامتون ٻڌائي اسان کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. پير صاحب جي مزار سامهون پپر جو وڻ هو، جنهن جي لاءِ چيو ويو ته سائينءَ پنهنجي هٿن سان پوکيو هو، جيڪو پير صاحب جي سڏڻ تي هن وٽ هليو ايندو هو. اها ڳالهه ٻڌي ساڻ دوست ڊاڪٽر الطاف جوکيي زير لب مسڪرائي ڏنو! ڪجهه اڳتي وڌي وياسين ته هڪ ٻيو فقير ڦري آيو،

                 جنهن وڻ جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اونهاري ۾ ان جي ٿڌاڻ جي ڪري درگاهه تي بجليءَ جي ضرورت، مطلب پکي، جهليءَ يا وڃڻي جي گهرج ناهي هوندي! سامهون ڪجهه ٻيا ملنگ نظر آيا. “صاحب سبيل… پي پوءِ اڳتي وڃجو!” انهن جي صلاح تي سندن ويجهو وڃون ٿا. هڪڙي همراهه ناديءَ مان ٿڌي پاڻيءَ جو گلاس ڀري ورتو، پر اهو گلاس اسان ڏانهن نه اچي سگهيو، ڇاڪاڻ ته ناديءَ سان زنجير ۾ ٻڌل هو! اسان ويجهو ٿي پاڻي پيتو. مٽيءَ جي ناديءَ سان سيمينٽ سان ٻڌل سنگهر ڏسي ان دوست جون ڳالهيون ڪنن ۾ گونجڻ لڳيون، جنهن اچڻ وقت چيو هو:

“درگاهه تان چوري ناهي ٿيندي!” پاڻيءَ جي ناديءَ ڀرسان ڪجهه ميريون رليون پيون هيون، انهن تي فقير ليٽيا پيا هئا، جن کي هوا ڏيڻ ۽ گرميءَ کان بچائڻ لاءِ سولر پينل تي هلندڙ پکو ڦري رهيو هو. پکي جي گهٽ اسپيڊ ڏسي انهن مان هڪ ڄڻي رڙ ڪئي: “فقير سائين! پليٽ جو منهن سج ڏانهن ڪر…!” هاڻي اسان ٻئي دوست ڪيڏي مهل ان پليٽ ته ڪيڏي مهل پکي ته ڪنهن وقت پري بيٺل پپر جي وڻ کي ڏسي رهيا هئاسين!

مان پنهنجي سفري بيگ لاهي اتي رکي ۽ چهري تي ڪجهه گهٻراهٽ طاري ٿي. اتي موجود وڏو فقير منهنجي گهٻراهٽ کي سمجهي چوڻ لڳو: “صاحب! نه گهٻرايو، هتي چوري چڪاريءَ جو ڊپ ناهي، پير سائينءَ جي ڪرامت سان درگاهه ته ڇا پر ڀرپاسي ۾ به ڪڏهن چوري، ڦر ڌاڙو ناهي ٿيو!” ملنگ فقير جي ڳالهه ٻڌي اسان اطمينان سان مزار ڏانهن وڌون ٿا.

مزار جو منظر عجيب آهي. ڪجهه عورتون قبر کي چنبڙي روئي رهيون آهن. اسان جي اچڻ تي هو بٺيءَ کان پري ٿين ٿيون، مزار جي سيرانديءَ کان چندي جي وڏي پيتي پيل آهي، جنهن کي وڏي سائيز جا ٻه ڪلف لڳل آهن! “هتي چوري چڪاري ناهي ٿيندي!” جا جملا ٻيهر ذهن ۾ گونجڻ لڳن ٿا.

گرميءَ سبب اڃ لڳي رهي هئي، ٻيهر پاڻي پيئڻ جي گهرج محسوس ڪندي، هڪ فقير کي پاڻيءَ جي سبيل ڏيڻ لاءِ چوان ٿو. هو ‘حاضر’ چئي ڪجهه دير ۾ پاڻي کڻي اچي ٿو. “صاحب! ڏسو پاڻي ڪيڏو نه ٿڌو آهي، بس سائينءَ جي ڪرامت آ!؟” ‘

ها’ ۾ ورندي ڏئي هيڏي هوڏي ڏسان ٿو ته سامهون وڏو واٽر ڪولر به نظر آيو. فقير کان ان بابت پڇان ٿو ته جواب ڏئي ٿو ته مرشد جو ڪو خاص مريد درگاهه لاءِ واٽر ڪولر تحفي ۾ ڏنو آهي. “واٽر ڪولر ته بجليءَ تي هلندو هوندو، توهان جو چيو ته هتي لائيٽ ناهي هوندي!؟”

ڀرسان بيٺل فقير کان پڇان ٿو. “صاحب، واقعي هتي بجلي ناهي هوندي، هو ڏس تارون ئي ڪٽيون پيون آهن، مرشد جي ڪرامت آهي، جو پاڻي، پاڻهي ٿڌو ٿيو وڃي!” سامهون ڏسان ٿو ته تارون ڪٽيل ناهن، ملنگ فقير جي انڌي عقيدي تي کل اچي ٿي، جنهن کي ڪنٽرول ڪريان ٿو.

مزار تي دعا گهرڻ کانپوءِ واپس ڪار ڏانهن اچون ٿا ته مئخاني ۾ ويٺل فقير سڏين ٿا. انهن جي سڏڻ تي مئخاني ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ چرس جي بوءِ دماغن کي سُن ڪري ڇڏي ٿي.

هڪ فقير اڳتي وڌي مي فيئر جي ٽافي اهو چئي ڏئي ٿو ته هي مرشد جو ونڊ اٿوَ… مي فيئر جي ٽافيءَ کي ڏسي سوچيان ٿو، هاڻي ريوڙين، پتاشن ۽ نقلن جي جاءِ به مي فيئر ۽ ڪمس جي کٽمٺڙن والاري آهي!

اسان جو سماج ڪيئن نه تبديل پيو ٿئي! درگاهه جي متوليءَ سان ملڻ جو شوق هو، پر خبر پئي ته هو ننڊ ۾ آرامي آهي؟ “سائين ڪٿي آرام پيا فرمائين؟” جي سوال تي فقير سامهون هڪ وڏي بنگلي ڏانهن اشارو ڪن ٿا.

“اها سائينءَ جي رهائشگاهه آهي”. درگاهه جي متوليءَ جي وڏي جاءِ، جيڪا ٻاهران ئي ڪنهن وڏي محلات جو ڏيک پئي ڏئي، ان کي ڏسي بي اختيار فقيرن جي رهڻ واري جاءِ تي نظر هلي وئي، جتي سالن کان اڻ ڌوتل ميريون رليون وڇايل آهن، جن تي ڪيڙا ماڪوڙا گهمندي ڏسي سگهجن ٿا! منهنجي لاءِ اهي نظارا ڪي نوان ناهن، پر هر ڀيري حيرت جو احساس ۽ پاڻ تي اچرج ضرور کاوان ٿو. استاد بخاريءَ جو شعر بي اختيار ياد پوي ٿو:

خبر ناهي ته ڇا ٿيندو خطي جو،

مئو ‘استاد’ ٻڏتر ۾ وڃان ٿو.

سولر سسٽم کان، واٽر ڪولر ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين جا پراڊڪٽ واپرائجن پيا، پر دعوا ڪرامتن جي آهي. هڪ پاسي تن تي لباس کان خالي ماڻهو آهن ته ٻئي طرف محلاتن ۾ سهولتون ماڻيندڙ متولي سڳورا!

ها، هيءَ سنڌ آهي! ڇا ٿو ڪري سگهجي… خاموشي… ها خاموشي…

ڪار ۾ ويهڻ لاءِ وڌون ٿا ته هڪ همراهه جيڪو ملنگ فقيرن کان الڳ ٿلڳ نظر آيو، چئي ٿو، “صاحب، مرشد جي پيتيءَ ۾ نذرانو وڌوَ؟”

جواب ۾ “نه” جي ورندي ڏيونس ٿا. “صاحب، پوءِ اهو ته سٺو ناهي…!”

همراهه ڪاوڙ مان ڳاڙهين اکين سان گهوري ٿو. مان رمز کي سمجهندي، کيسي مان ٻه سئو ڪڍي ڏيانس ٿو. پئسا وٺي… “مرشد جي ڇانوَ ۾ هجو… سدا خوش هجو… مرشد جي دعا…” ڪيتريون ئي دعائون ڏيندي روانو ٿئي ٿو. مان فقط هن جا رنگ بدلجندي ڏسان ٿو ۽ لفظ “ڀتو” ذهن تي اچي ٿو.

ڪار ۾ ويهڻ کانپوءِ لاتعداد سوال ذهن ۾ اڀرن ٿا، جن جا مون وٽ ڪي به جواب ناهن. خاموش ٿي، روڊ کي تڪڻ لڳان ٿو.

گاڏي، درگاهه کان پري ٿيندي پئي وڃي، پري کان مرشد جي مزار ۽ متوليءَ جو بنگلو وڌيڪ وڏو ۽ چٽو ٿيندو پيو وڃي. اداسيءَ جي ڪيفيت، ذهن ۾ سوالن جون ڊوڙون. مسڪين ماڻهن کي ڪهڙي طرح ذهني غلاميءَ ۾ ڦاسايو ويو آهي. چؤکنڀو ٻڌل سنڌ جو مسڪين ماڻهو،

چري به نه ٿو سگهي. اتي توهان ان سڄي نظام خلاف ٻڙڪ به ٻاهر نه ٿا ڪڍي سگهو. معاملا توهين جي ذمري م داخل ٿي ويندا، ڪو جنوني توهان کي ماريندي به دير نه ڪندو!هڪ پاسي جتي، اهڙين جڳهين تي عدم تشدد جو درس آهي، اتي اهو پڻ ته توهان سوال نه ٿا ڪري سگهو. هر حالت ۾ توهان کي قبول ڪرڻو پوندو. توهان کي قبول ڪرڻو پوندو ته هي سماج هاڻي ان نهج تي پهچي چڪو آهي، جتي اونداهيءَ کانسواءِ ڪجهه به ناهي. بس اسان ان گهگهه اونداهه ۾ هٿوراڙيون هڻي سگهون ٿا.