ڄام نواز علي (ن پ ا) پ پ جي مرڪزي اطلاعات  سيڪريٽري شازيه مري ٻيراڻي ۾ پريس ڪانفرس ڪندي چيوته پاڪستان پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا پهرين ڏينهن کان  اليڪشن ڪيمپين شروع ڪئي آهي، سڄي ملڪ ۾ پيپلز پارٽي جي چونڊ مهم جوش ۽ جذبي سان جاري آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آصفه ڀٽو زرداري، آصف علي زرداري ۽ ٻين اڳواڻن هر ضلعي ۾ جوش ۽ جذبي سان چونڊ مهم هلائي. پ پ پ پ ئي پهريون سياسي پارٽي  آهي هن چيو ته عوام کي پنهنجي پسند ۽ راءِ نمائيندا چونڊن جو حق آهي چيرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ تاريخي ريلي ڪڍي جنهن 1977 واري ريلي جي ياد تازي ڪري ڇڏي بلاول ڀٽوزرداري 10 نقاطي ايجنڊا اليڪشن مهم دوران پيش ڪيا جنهن ۾ عوام کي روزگار ۽ ٻيون سهولتيون شامل آهن هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف اليڪشن مهم جو ورڪ نه پيو ڪري ان مان ثابت ٿئي ٿو ته اهو سليڪٽ طور ۽ ڌانڌلي طور اچڻ چاهين ٿا، ن ليگ اليڪشن مهم ۾ بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي  سميت سنڌ ۾اچڻ مناسب نه سمجهو، ن ليگ حڪومت۾ اچڻ جي دعوي ڪري رهي آهي مخالفن جي هٿ ڪنڊن ۽ سازشن کي چيئرمين ۽ورڪر ناڪام بڻائيندا.