ٽيڪسلا (م ڊ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته ن ليگ انهن اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏنيون آهن، جيڪي نواز شريف جي پيءَ کي گاريون ڏيندا رهيا. واهه ڪينٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چوڌري نثار چيو ته مون لاءِ وڏو آسان آهي ته پارٽين تي تنقيد ڪيان، مون کي ڪيترن ئي دوستن چيو ته ٿوري جذباتي تقرير ڪيان، مان ڇو ڪنهن پارٽي تي تنقيد ڪيان، پنهنجي ڪارڪردگي تي توهان کان ووٽ وٺڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته مان ننڍن اڳيان هٿ ٻڌي نٿو بيهي سگهان، منهنجو چونڊ نشان جهاز آهي ۽ 8 فيبروري تي جهاز تي ٺپو هڻي مون کي ڪامياب ڪرايو.