لاهور: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير همايون اختر استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي آهي. جڏهن ته ن ليگ ۽ آءِ پي پي ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي معاملي تان استحڪام پارٽي ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا آهن. خانگي ٽي وي چينل موجب استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عليم خان، شعيب صديقي ۽ ٻين پاڪستان مسلم ليگ ن سان اتحاد توڙي اسيٽ ايڊجسٽمينٽ جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. ڄاڻايل اڳواڻن جي مخالفت کان پوءِ پارٽي ۾ هن معاملي تي اختلاف پيدا ٿي ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته جھانگير ترين، عون چوڌري ۽ ٻيا مسلم ليگ ن سان اتحاد توڙي سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي حق ۾ آهن. استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جھانگير ترين چيو آهي ته ن ليگ سان اڃا تائين ڪو اتحاد ناهي ٿيو، مسلم ليگ ن سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ توڙي اتحاد لاءِ ڳالهيون هلي رهيون آهن. ان کان اڳ  همايون اختر خان پي ٽي آءِ جي پيٽرن انچيف جهانگير خان ترين ۽ صدر عبدالعليم خان سان ملاقات ڪئي جنهن کان پوءِ هن ٻنهي اڳواڻن تي ڀروسي جو اظهار ڪندي آءِ پي پي ۾ شموليت اختيار ڪري ورتي. آءِ پي پي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي همايون اختر چيو ته 9 مئي جي واقعن کان پوءِ تحريڪ انصاف کان ڌار ٿي ويس. 9 مئي تي شهيدن جي يادگار کي باهيون ڏنيون ويون. منهنجي لاءِ ممڪن نه هو ته تحريڪ انصاف سان وڌيڪ گڏ هلان. هن چيو ته جهانگير ترين وڏو ۽ عبدالعليم خان ننڍو ڀاءُ آهي. ساٿين سان مشاورت کان پوءِ استحڪام پارٽي ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو. همايون اختر وڌيڪ چيو ته ملڪ غربت، مهانگائي سبب تباهه ٿي رهيو آهي اسان پنهنجي ملڪ کي غربت جي زنجيرن مان ٻاهر ڪڍنداسين. آءِ پي پي جي قيادت مان مون کي پوري اميد آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن جهانگير ترين، اسحاق خاڪواني ۽ عون چوڌري همايون اختر سان ملاقات ڪري کيس پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏي هئي. همايون اختر ڪجهه وقت اڳ تحريڪ انصاف کي ڇڏي چڪو هو. ماضي ۾ هو(ن) ليگ ۽(ق) ليگ جو حصو به رهي چڪو آهي.