اسلام آباد (م ڊ) ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي ۾ اعليٰ سطحي رابطو ٿيو، ذريعن موجب نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي پيپلزپارٽي جي وفد سان ملاقات ٿي، ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري به ملاقات ۾ موجود هئا، ذريعن موجب ملاقات ايوان صدر ۾ ٿي، ملاقات ۾ پ پ ۽ ن ليگ ۾ جاري ڳالهين تي غور ويچار ڪيو ويو، ملڪي مجموعي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي،  ذريعن موجب ن ليگ ۽ پ پ ۾ اڃا تائين معاملا طئي نه ٿي سگهيا، پنجاب پاور شيئرنگ فارمولو ڳالهين جي ڪاميابي ۾ رڪاوٽ آهي، ذريعن موجب پ پ قيادت پاران نائب وزيراعظم کان تحريري معاهدي تي مڪمل عمل جو مطالبو ڪيو، پنجاب ۾ پاور شيئرنگ جو معاملو سامهون رکيو ويو، ذريعن موجب ن ليگ مشاورت لاءِ جنوري جي ٻئي هفتي تائين مهلت گهري ورتي، اسحاق ڊار پ پ جا خدشا ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي.