اسلام آباد(م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي جو سياسي سرگرميون جاري آهن هن سينيٽ جي چيئرمين صادق سنجراڻي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صادق سنجراڻي چيو ته توهان ٿوري عرصي ۾ مثالي فلاحي ڪم ڪيا آهن. پرويز الاهي جو چوڻ هو ته ن ليگ هميشه انتقام جي سياست ڪئي، اسان نه ماضي ۾ انتقام جي سياست ڪئي نه هاڻ ڪنداسين، ن ليگ جو هاڻ جي ٽي روڊ تان  به صفايو ٿي ويو آهي.