ڪراچي: سنڌ جي نگران ڪابينا ۾ ٻئين مرحلي ۾ وڌيڪ 8 نگران وزير کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هڪ هفتي اندر نگران ڪابينا ۾ واڌ ڪرڻ جو امڪان آهي، ان سلسلي ۾ ڀروسي جوڳن ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ حڪومت پاران ٻئي مرحلي ۾ وڌيڪ 8 وزير نگران ڪابينا ۾ کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته مختلف ماڻهن جا نگران ڪابينا ۾ شموليت لاءِ اندروني طور تي انٽرويو به هلندڙ آهن. جڏهن ته هڪ هفتي تائين نگران ڪابينا ۾ واڌ جو به امڪان آهي، جنهن بعد خالي پيل سرڪاري کاتا کين الاٽ ڪيا ويندا. واضح رهي ته پهرين مرحلي ۾ برگيڊيئر (ر) حارث نواز، يونس ڍاڳا، مبين جماڻي، سعد خالد نياز، جنيد شاھ، رعنا حسين، ايشور لعل، ارشد ولي محمد، عمر سومرو ۽ خدا بخش مري کي نگران وزير طور کنيو ويو هو