ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نگران وڏي وزير سان اختلاف رکندڙ صحت وارو وزير سرگرم، ان ڏس ۾  سنڌ جي صحت ۽ سوشل ويلفيئر واري نگران وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز ڪالهه سينيئر سٽيزن جي بحالي مرڪز جو دورو ڪري لاڳاپيل اختيارين کان پراجيڪٽ بابت تفصيلي بريفگ ورتي. ان موقعي تي وزير کي ٻڌايو ويو ته پراجيڪٽ جي عمارت 3 ماڙ آهي جنهن ۾ 50 بزرگن کي ترسائڻ جي گنجائش آهي، عمارت جو ڪم هڪ مهيني ۾ مڪمل ٿيڻ بعد بلڊنگ لاڳاپيل کاتي حوالي ڪئي ويندي.