ملير (رپورٽر) نگران وزيراعليٰ سنڌ جسٽس (ر) مقبول باقر پاران قائدآباد ۾ سب رجسٽرار آفيس جو سرپرائيز وزٽ. ان موقعي تي مختيارڪار ابراهيم حيدري انصاف پٺاڻ سميت آفيس جو ڪافي عملو غير حاضر هو. نگران وڏي وزير پاران آفيسرن کي ڪال ڪري سندن لوڪيشن معلوم ڪئي ان موقعي تي وڏي وزير تپيدارن ارشد ۽ اقبال کي غير حاضر رهڻ تي معطل ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف نگران وڏو وزير لانڍي ويجهو اين اي عباسي گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول جو پڻ سرپرائيز وزٽ ڪيو ان موقعي تي اسڪول جي هيڊماستر مظهر علي کان تفصيل معلوم ڪيا وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته اسڪول ۾ 200 ٻار داخل آهن جڏهن ته 14 استاد ڊيوٽي سرانجام ڏيئي رهيا آهن اسڪول ۾ 40 سيڪڙو ٻار غير حاضر آهن وڏي وزير پاران غير حاضر شاگردن جي حاضري تي يقيني بنائڻ جا پڻ حڪم جاري ڪيا. ان موقعي تي وڏي وزير ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر کان معلوم ڪيو ته اوهان اسڪولن جي انسپيڪشن ڪئي آهي جنهن تي ڊي اي او وڏي وزير کي ٻڌايو ته ستن اسڪولن جي انسپيڪشن ڪئي آهي وڏي وزير اسڪول ۾ صفائي نه ٿيڻ، ڪيمسٽري جي ليبارٽري فعال نه هجڻ تي سخت ڪاوڙ جو پڻ اظهار ڪيو وڏي وزير ڪمپيوٽر ليبارٽري جو معائنو ڪيو ليبارٽري ۾ هڪ به ڪمپيوٽر نه هو وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته اسڪول کي ڪمپيوٽر ناهن مليا اسڪول کي فرنيچر ملڻ باوجود اهو ڪلاسن ۾ نه رکڻ تي وڏي وزير سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ ان موقعي تي ڊائريڪٽر اسڪولز يار محمد، چيف مانيٽرنگ آفيسر حنان اسڪول جي هيڊ ماستر مظهر علي کي معطل ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا.