ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاران اڄ لياقت آباد ۾ سياسي طاقت جو مظاھرو ٿيندو ـ انتظام مڪمل، ان ڏس ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جلسي گاهه ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڄ لياقت آباد جي ماڻهن جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ اينداسين، اوھان تعصب جي عينڪ لاھي ايم ڪيو ايم جي سياست کي ڏسو، ڇا 2008 واري ڪراچي اھڙي ھئي جيڪا اڄ آھي ؟ هن چيو ته سنڌ جي تعصب پرست حڪمرانن کي اھا پرواھه ئي ناھي ته تاريخ انھن کي ڇا چوندي ؟ ڪراچي ساليانو اربين رپيا ٽيڪس ڏئي ٿي، صوبي جا ٻيا شھر گھڻو ٽيڪس ڏين ٿا؟ هن چيو ته اسان کي ھاڻي ڀت سان لڳايو ويو ته پوءَ ديوار جو بچڻ به مشڪل آھي، هن چيو ته پاڪستان کي بچائڻ جي واحد قسط ھاڻي ڪراچي آھي، هن چيو ته اسانکي اميد ھئي ته نگران وزيراعليٰ انصاف ڪندو پر ھاڻي خبر پئي ته نگران تي به نگران آھن