اسلام آباد: (م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ترڪيه جي پارليامينٽ ڀرسان ٿيل دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ڇڏي آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ نگران وزيراعظم چيو ته مون سميت سڄي پاڪستاني قوم جون همدرديون پاڙيسري ملڪ ترڪيه سان گڏ آهن. هن چيو ته واقعي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيان. مون کي پوري اميد آهي ته ترڪيه، منهنجي ڀاءُ رجب طيب اردوان جي اڳواڻي ۾ دهشتگردي جي هن چيلينج تي جلد ڪنٽرول ڪري وٺندو. ياد رهي ته ترڪيه جي گادي واري شهر انقره ۾ گهرو وزارت ۽ پارليامينٽ جي ٻاهران دهشتگرد حملو ٿيو جنهن ۾ 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن. ترڪيه جي گهرو وزارت ان بابت ٻڌايو ته ڌماڪو آپگهاتي هو، 2 دهشتگرد صبح ساڍي 9 وڳي گاڏي ۾ سوار ٿي آيا جن مان هڪ دهشتگرد پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو جڏهن ته ٻيو دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ مارجي ويو.