اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخاني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن وزيراعظم سان ڪراچي جي مسئلن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن مسئلن جي حل جي حوالي سان قدمن تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.