ڇا نگران منتظمين اڳوڻي حڪومت جي ڇڏيل ان “ورثي” ۽ “اثاثن” جا به نگران آهن، جيڪي گذريل چونڊيل حڪومت ڇڏي وئي هئي ۽ اها امانت بنا ڪنهن بهتري جي خيانت ڪرڻ جي امانت باسلامت ايندڙ چونڊيل حڪومت کي واپس ٿي ويندي؟ جي ايئن ناهي ته پوءِ ٿورو ذهن کي ڪجهه هفتا پوئتي وٺي وڃو، جڏهن نگران حڪمرانن ايندي ئي دهمانن سان ڀرپور وڏا اعلان ڪيا هئا ته ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن کي نه ڇڏيو ويندو. ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ انٽيليجنس بيسڊ ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو ويندو پر هاڻي نگران منتظمين وري اڳوڻي انتظاميا وارن پراڻن پيچرن تي اچي ويا آهن ۽ انهن وري رياستي قانون جي مٿڀرائپ ۽ عملداري قائم رکڻ بدران سردارن کي مغوين جي آزاديءَ لاءِ منٿ ميڙ ڪندي کين ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو آهي. ان حوالي سان خبر آهي ته پوليس جي ساگر ڪمار کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ سنڌ جي گهرو معاملن واري نگران وزير ٻن ڏينهن ۾ ساگر ڪمار جي بازيابيءَ جو ٽاسڪ هڪ سردار کي ڏنو ويو آهي. خبرن موجب: ساگر ڪمار جي بازيابيءَ لاءِ ڪچي جي چڱن مڙسن جي مدد سان راڄوڻي ڪوششون ورتيون پيون وڃن، جيڪو عمل نگران منتظمين پاران اسٽيٽسڪو اڳيان جهڪڻ نه آهي ته ڀلا ٻيو ڇا آهي؟
سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته، “جنهن اڀرندي سوجهرو نه ڪيو، اهو الهندي ڪهڙو سوجهرو ڪندو؟” اهڙي صورتحال سنڌ جي نگران منتظمين جي پڻ آهي. انتظام سنڀالڻ وقت ڏوهارين کي ناس ڪرڻ جي حوالي سان نگرانن جي جيڪا گجگوڙ ٻڌي وئي هئي، اها بي اثر ثابت ٿي ۽ انهن نگرانن به اسٽيٽسڪو کي برقرار رکڻ ۾ ئي عافيت سمجهي آهي. عام ماڻهن ته ڪنهن تڪڙي تحرڪ ۽ تدارڪ جو آسرو تڏهن ئي پلي ڇڏيو هو، جڏهن ڪشمور واري ڌرڻي دوران مغوين کي “بازياب” ڪرايو ويو پر نه ڪو پوليس مقابلو ٿيو، نه وري ڪو آپريشن ٿيو، نه ئي ڌاڙيل گرفتار ٿيا، نه پوليس وارن کي شهادت جي سعادت نصيب ٿي ۽ نه ئي ڌاڙيل ماريا ويا پر مغوين کي آڻيندڙ ايس ايس پي کان گهرو کاتي اها پڇا به نه ڪئي ته مغوي ڪهڙن ڌاڙيلن جي ٿم ۽ ٿاڪ تي هئا؟ اهي ڌاڙيل ڪير آهن ۽ ڪٿي آهن؟ مغوي ايس ايس پي جي حوالي ڪنهن ڪيا؟ ويتر پرديداري ڪئي وئي، ڌاڙيلن ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙ “اشرافيه” جي پرديداريءَ جو مطلب ڇا آهي؟ اهو عوام دشمن سسٽم جي آڻ مڃڻ ناهي ته ڀلا ٻيو ڇا آهي؟ ويتر نگران متنظمين چيو آهي ته ڌرڻا مسئلن جو حل ناهن ۽ انهن عوام کي پوليس سان سهڪار ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي. نگرانن کي به اها پروڙ آهي ته پوليس ڏوهن ۾ ملوث آهي، پوليس جا ڪچي جي ڌاڙيلن سان واسطا آهن، اهڙو علم هوندي پوءِ عوام کي چيو وڃي ٿو ته پوليس سان تعاون ڪيو وڃي، جنهن جو مطلب ڇا آهي؟ ڪجهه ڏينهن کان نگران حڪومت جتي انتظامي آفيسرن جون بدليون پئي ڪري، اتي پوليس ۾ به وڏي رد و بدل ڪئي وئي آهي. ضلعن جا ايس ايس پيز بدلي ڪيا ويا آهن. اها سڃي اٿل پٿل صرف هڪ ڏيکاءُ محسوس ٿئي ٿي. عوام لاءِ ان سڄي رد و بدل ۾ ڇا آهي، جڏهن متنظمين خود اسٽيٽسڪو جا محافظ بڻجي اچن!
اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته سنڌ مان اڏامي ويل امن جي پکيءَ جي واپسي تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن رياستي قانون جي عملداري قائم ڪئي ويندي. پوليس، ڏوهارين ۽ ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ “اشرافيه” تي ٻڌل ٽڪنڊو ٽوڙيو ويندو. ان ڪري ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن ۾ هٿ وڌو وڃي. ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ سردار- پوليس- ڌاڙيلن جو ڳٺ جوڙ ڳجهو نه آهي. ڌاڙيل ۽ انهن جا سرپرست عوامي دٻاءُ اڳيان بنهه هيڻا ۽ ڪمزور آهن. اهو ڪشمور واري تاريخي عوامي پاور شو دوران ئي واضح ٿي ويو هو. ان ڪري ضروري آهي ته رياستي قانون جي عملداري قائم ڪئي وڃي. ڌاڙيلن کي هٿ وٺي هماليه جبل بڻائي پيش ڪيو ويو آهي، جيڪا ڳالهه ايئن نه آهي، اهي رياست اڳيان ڀلا ڪهڙي حيثيت ٿا رکن. ان ڪري ڌاڙيلن خلاف فيصلائتو آپريشن ڪري انهن کي ناس ڪيو وڃي ۽ ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ “اشرافيه” کي پٽو وڌو وڃي.