ڪراچي(رپورٽ حبيب جمالي) سنڌ جي نگران سرڪار چائيلڊ ليبر( ٻارڙن جو جبري پورهيو) روڪرائڻ لاءِ پرڳڻي جي سمورين درگاهن ۽ خانقاهن ۾ سرچ آپريشن شروع ڪرڻ جي وارننگ ڏئي ڇڏي، ان ڏس ۾ نگران گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز صحت ۽ قانون وارن وزيرن سان گڏ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ اڻ پڙهيل مريد پيرن تي انڌو يقين ڪري پنهنجا ٻار ۽ عورتون حويلين ۾ اماڻين ٿا، اسان ٻارن کان جبري پورهيو وٺڻ تي ڪو به سمجهوتو نه ڪنداسين، ميڊيا ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، هن چيو ته راڻيپور جي حويلي مان وڌيڪ 7 ٻارن ۽ 3 عورتن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، انهن جا به ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويندا. صوبائي وزيرن ٻڌايو ته معصوم فاطمه قتل ڪيس جي مک جوابدار اسد شاهه کي رمانڊ پورو ٿيڻ تي ڪراچي منتقل ڪيو ويندو، جتي اسد شاهه کان نئين سر پڇاڳاڇا ڪئي ويندي، نئين جي آءِ ٽي ٻارڙي فاطمه جي قتل ڪيس جي ٻيهر جاچ شروع ڪندي، هن وقت تائين ڊارڪ ويب جون شاهديون نه مليون آهن. صوبائي وزيرن چيو ته شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي خبر آهي ته اهي ڪٿي آهن؟ درياءُ جو پاڻي لهڻ بعد ڪچي ۾ جلد ٽارگيٽڊ آپريشن شروع ڪيو ويندو، هنن چيو ته ڪچي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ٿيندو، ڌاڙيلن جي سهولتڪارن ۽ پاٿاريدارن کي به سوگھو ڪنداسين. هنن چيو ته  نگران سرڪار جي ڪا به سياسي ايجنڊا ناهي. اسان کي سياسي ماڻهن جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي خبر ناهي ، سوشل ميڊيا تي رڳو افواهه هلن ٿا، سرڪار ڪنهن کي به انتقام جو نشانو نه بڻائيندي، جيڪڏهن ڪنهن تي نيب يا اينٽي ڪرپشن جو ڪيس آهي ته اها ٻي ڳالهه آهي. هن چيو ته فاطمه ڪيس ۾ اسان سنجيده آهيون، قانون واري وزير پاڻ وڃي فاطمه جي وارثن سان ملاقات ڪئي هئي، انصاف جون تقاضائون پوريون ڪيون وينديون، ڪو به دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو، جو ڪمپرو مائيز نه ٿيندو. هنن چيو ته پوليس تڪڙي ڪارروائي ڪئي، اسد شاهه ۽ ٻيا گرفتار ٿيا، ڊي اين اي لاءِ سيمپل ٻن الڳ الڳ ليبارٽرين کي اماڻيا ويا ته جيئن ڪو ابهام نه رهي، اڃا ڊي اين اي رپورٽ ناهي آئي، هنن چيو ته اسان فاطمه ڪيس کي مثال بڻايو آهي، جوابدارن کي سزا ملندي ته ٻيهر  ڪي جوابدار اهڙو ڏوهه ڪرڻ کان اڳ سوچيندا، فاطمه جا وارث انتهائي غريب آهن، اسان انهن کي ڪراچي آڻڻ جي آفر ڪئي پر انهن منع ڪيو، اسان گهر ۽ ٻارن جي تعليم لاءِ تنظيم جي مدد سان وارثن جي مدد ڪنداسين، هنن چيو ته جنهن ڊاڪٽر وٽ فاطمه کي آندو ويو، ان ڊاڪٽر گيسٽرو جون دوائون ڏنيون آهن، ڊاڪٽر معاملو لڪايو، جيڪو ڏوهه آهي، پوليس ڊاڪٽر کان پڇا ڳاڇا کيس آزاد ڪيوم ڊاڪٽر کي ٻيهر گهرايو ويندو، هنن چيو ٿه ماڻهو جاهل آهن، پير صرف الله تعاليٰ آهي، اسان ٿورو ڦاٿل آهيون، اجازت ملڻ شرط مقرريون ۽ بدليون ٿينديون. هنن چيو ته غربت اسان جو بنيادي مسئلو آهي، چائلڊ ليبر روڪڻ بابت قانون سازي ٿيڻ گهرجي پر نٿي ڪئي وڃي،هنن چيو ته  مستقل ۾ ڪو به ٻار ليبر طور ڪم نه ڪندو، پهرين وارننگ ڏينداسين، ڪيترا ماڻهو ٻارن کي پگهار به گهٽ ڏين ٿا.