حيدرآباد (بيورورپورٽ)جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي پڌرائي ۾ چيو آهي ته نگران سرڪار به معصوم پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڪو به تحرڪ نه ورتو! معصوم پريا ڪماري جي ڪنهن با اثر ماڻهو جي بنگلي ۾ هجڻ جا چوٻول هلي رهيا آهن! تنهن ڪري نگران سرڪار بنا دير اهڙن چوٻول تي ڪارروائي ڪري ته بهتر ٿيندو! ڇاڪاڻ جو پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سڄي سنڌ گهُر ڪري رهي آهي، معصوم پريا کي بازياب ڪرائي سندن والدين جي بي چيني کي ختم ڪيو وڃي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو آهي ته موجوده نگران حڪومت افغانين کي پنهنجي ڏيھ موڪلڻ ۾ سنجيده ناهي، نگران سرڪار رڳو ميڊيا ۾ اشتهار ۽ بيان ڏئي رهي، هنن وٽ افغانين کي واپس موڪلڻ جو ڪو به پلان يا رٿا بندي ناهي ٿيل، سرڪاري الٽيميٽم کان پوءِ ڪراچي، حيدرآباد ڄامشورو، ڪوٽڙي ٺٽو سميت سنڌ جي ڪنهن به ضلعي ۾ ڪا به ڪارروائي نظر نٿي اچي، ڪراچي ۽ ڪوٽڙي ۾ افغانين جون سرعام بستيون قائم آهن پر سرڪار کي نظر نٿيون اچن! جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي وڌيڪ چيو آهي ته سرڪار نٿي چاهي ته سنڌ ۾ موجود افغانين سميت سمورن غير قانوني ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي ڇاڪاڻ جو سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻو آهي! سنڌين جي مرضيءَ کان سواءِ جعلي ڊجيٽل آدمشماري ڪئي وئي!سنڌ جون قمتي زمينون وڪرو ڪري ڌارين کي ڏنيون ويون پيو، بحريا ٽائون سميت سوين غير قانوني هائوس اسڪيمون جوڙيو ويون آهن جيڪو سمورو عمل سنڌ جي وسيلن تي بار ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش جو حصو آهي.