اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسمبلي جي اڄ  15 مارچ تي ٿيندڙ اجلاس جي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آھي،قومي اسيمبلي جي ايجنڊا مطابق  وفاقي حڪومت موجوده اسيمبلي ۾ پهريان قانونسازي ڪرائڻ بجاءِ ستن آرڊيننسن جي مدت ۾ 120 ڏينهن جي واڌ جي منظوري وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن لاءِ قراردادون ايجنڊا ۾ شامل ڪرائي  ڇڏيون آھن. جاري ٿيل 8 نقاطي ايجنڊا ۾ 7 نمبر تي ستن آرڊيننسن جي منظوري لاءِ قرارداون شامل آھن. جن ۾ پاڪستان براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن آرڊيننس، پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن آرڊيننس، پاڪستان پوسٽل سروس بورڊ ترميمي آرڊيننس، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي آرڊيننس، فوجداري قانون ۾ ترميم جو آرڊيننس، نجڪاري ڪميشن آرڊيننس، ٽيلي مواصلات اپيليٽ ٽربيونل جي قيام جو آرڊيننس شامل آھن. جڏهن ته قانون جو وزير ٻه بل به اسيمبلي ۾ پيش ڪندو جن ۾ ديواني عدالتن جو بل ۽ قانوني معاونت ۽ انصاف اٿارٽي ايڪٽ ۾ ترميم جو بل شامل آھي. ٻئي طرف قومي اسيمبلي جي ايجنڊا ۾ شامل آرڊيننس ۾ارسا ايڪٽ ۾ ترميم وارو تڪراري آرڊيننس شامل نه آهي. جيستائين اهو آرڊيننس اسيمبليءَ ۾ پيش نه ڪيو ويندو تيستائين ان کي رد ڪرڻ جي قرارداد پيش نه ٿي سگهندي. قومي اسمبلي جي اجلاس ۾ پيپزپارٽي جي ميمبرن سيد نويد قمر، سيد خورشيد شاهه، شازيه مري پاران زرعي شين جي روانگي واپار تي پابندي بابت حڪومت جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ نوٽيس پيش ٿيندو جڏهن ته پرڏيهه ۾ روزگار جي ڳولها ڪندڙ شهرين کي اوورسيز ايمپلائمينٽ پروموٽرز بابت شڪايتن جي حوالي سان به ڌيان طلب نوٽيس پيش ٿيندو.