اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل پاور اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي وڌيڪ مهانگي ڪري ڇڏي. نيپرا بجلي في يونٽ 1 رپيو 46 پئسا مهانگي ڪري ڇڏي ۽ بجلي جي قيمت ۾ واڌ جولاءِ جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي.
نيپرا بجلي جي قيمت ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بجلي جا نوان اگهه سيپٽمبر جي بلن ۾ تي لاڳو هوندا. نوٽيفڪيشن موجب، بجلي جا نوان اگهه لائف لائين ۽ ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي لاڳو نه هوندا.