صدر ڪئنال منظور ناهن ڪيا، ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمين واپس ملندي: نثار کهڙو

0
24
صدر ڪئنال منظور ناهن ڪيا، ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمين واپس ملندي: نثار کهڙو
صدر ڪئنال منظور ناهن ڪيا، ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمين واپس ملندي: نثار کهڙو

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته  اسان خوش آهيون ته ملڪ ۾ سويلين حڪومت آهي ۽ اسان به ان جو حصو آھيون، اسان جمهوريت تي فخر ڪريون ٿا، جمهوريت آئين مطابق هلڻ گهرجي نگران حڪومت کي حق نه آهي ته هو ڪا پاليسي ٺاهي ملڪ ۾ 1991ع جو  پاڻي ٺاھه موجود آهي، نگران حڪومت ان معاملي ۾ ڇيڙ ڇاڙ ڪئي گذريل ڏينهن پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيو جي رھائش گاھه تي پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته انڊس رور سسٽم اٿارٽي پوري ملڪ جي پاڻي کي صوبن وچ ۾ ورھاست لاءِ ٺھي معاهدي ۾ ٻه خاميون هيون هڪ ته ڪوٽڙي کان هيٺ ڪيترو پاڻي هجي، ان جو فيصلو نه ڪيو ويو سنڌ جو مطالبو هو ته ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ 10 ايم اي ايف وڃڻ گهرجي پر  ارسا هڪ سال به معاهدي تحت پاڻي تقسيم نه ڪيو آهي، اسان کي پورو پاڻي نه مليو، ڪڏهن ٽه نقاطي ۽ ڪڏهن تاريخي ورڇ تحت پاڻي تقسيم ٿيو آهي ارسا ۾ پنجين ميمبر کي سنڌ مان کڻڻو  ھو پر اهو نه کنيو ويو، نگران حڪومت اچي سمري موڪلي ته ارسا ۾ مستقل چيئرمين مقرر ڪيو وڃي ۽ اهو به 20 گريڊ جو ڪو آفيسر هجي ھن چيو ته پراجيڪٽ منظور ڪرڻ جا به فورم آهن، جن ۾ ايڪنڪ به هڪ فورم آهي، گريٽر ٿل ڪئنال جي ڪمانڊ منظور ڪرڻ جي تجويز  آئي هئي پنجاب چيو هو ته پاڻي آهي پر اسان اعتراض ڪيو، اسان چيو هو ته پاڻي موجود ڪونهي انڪري اهو منصوبو ڊيفر ڪيو ويوايڪنڪ ۾ به چيو ويو ته فيصلو سي سي آء ڪري پر ٽن سالن کان اهو اجلاس نه ٿيو. اسانجو اشو اڃا التوا جو شڪار آهي.ھن چيو ته سنڌ اسيمبلي به ارسا جو چيئرمين بيورو ڪريٽ مقرر ڪرڻ واري تجويز کي متفقه قرارداد سان رد ڪيو، اڃا تائين ان تجويز ته عمل نه ٿيو آهي ارسا پاڻي جي دستيابي جو ڪوڙوسرٽيفڪيٽ ڏنو، ڪئنالن جو معاملو رڪيل هو ۽ هاڻي چولستان ڪئنال ٺاھڻ جي ڳالھ ڪئي پئي وڃي، اهو ڪئنال گريٽر ٿل ڪئنال کان ستلج تائين ٺاهيو پيو وڃي، خشڪ درياھ ۾ پاڻي وجهي سليمانڪي هيڊ ورڪس  کان پاڻي کي ريگستان لاء کنيو ويندو. ھن چيو ته اسان جو اعتراض آهي ته ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي ڇڏيو پر نٿو ڇڏيو وڃي ۽ تونسا وٽان 100 پمپ هڻي پاڻي چوري کنيو وڃي ٿو، اتي ڪا به چيڪنگ نه آهي، چشما جهلم لنڪ وٽ 20 هزار پاڻي آهي، اهو فلڊ ڪئنال آهي، نواز شريف ضياء جي دور ۾ ان کي مستقل ڪئنال طور منظور ڪيو ، پ پ ان معاملي کي روڪايو، اتان ٿل ۾ پاڻي وڃي ٿو جتان گريٽر ٿل۽ پوءچولستان ۾ وڃي ٿواهو ڪئنال سي ڊي ڊبليو پي مان اڃا ايڪنڪ ۾ به نه آيو آهي، ھن چيو ته مونکي اعتراض آهي ته مريم نواز غير منظور ٿيل منصوبي تي ڇو وئي؟ هن وقت سولين حڪومت آهي ته پوء سولين حڪومت جي سي ايم اتي ڇو وئي؟ ڇا مريم سنڌ کي ڀڙڪائڻ چاهي ٿي؟ اسانجو جيئڻ مرڻ پاڻي سان آهي، سمنڊ سنڌ جي 40 لک ايڪڙ زمين متاثر ڪئي آهي، اها آباد ٿيندڙ زمين هئي اسان کي جهليو ويو ته ايريگيشن سسٽم کي نه وڌايو وڃي، هتي عمرڪوٽ ميرپور  خاص ۽ ٻين هنڌن تي پاڻي ڪونهي ۽ زمين غير آباد آهي، هتي آبادي لائق زمين لاء پاڻي ڪونهي، ھن چيو ته نواز شريف تاريخ مان نه سکيو آهي، جنرل اچي چيو ته گريٽر ٿل ٺاهيو،سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف نواز ۽ شهباز خاموش آهن سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو لڳو آهي ۽ اسان انهن ڪئنالن جي خلاف آهيون، ھن چيو ته مشرف دور ۾ ڪجهه ڪئنال ٺهيا، اسان وٽ پاڻي ڪونهي سنڌ وارا ڪئنال به نٿا ٺاهڻ چاهيون، پاڻي تي پهريون حق سنڌ جو آهي، اسانجو پاڻي پورو ڪيو وڃي، بينظير ڀٽو پاڪستان بچائڻ لا ڌرڻو هنيو ھوپ پ ڪئنالن خلاف ضلعي هيڊ ڪوارٽرز ۾ احتجاج ڪيو ۽ هاڻي تعلقه سطح تي احتجاج ڪيو ويندو ٻيهر بارڊر بند ڪرڻو آهي ته ڪمون شهيد اسانکي  ڏٺل آهي ھن چيو ته بلاول ڀٽو ڊويزنل ھيڊ ڪوارٽرز جي احتجاجن ۾ شرڪت ڪندو صدر کي صرف بريفنگ ڏني وئي، ڪنهن پراجيڪيٽ کي صدر منظور نٿو ڪري سگهي، ڪئنالن ۽ ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جو بل قومي اسيمبلي ۾ به نه آيو آهي ته انهن جي منظوري ڪيئن ٿي؟ ھن چيو ته اسان وفاقي حڪومت جو حصو نه آهيون صرف جمهوريت کي قائم رکڻ لاء وفاقي حڪومت سان گڏ آهيون نگران حڪومت 10 مهينا هلي، جيڪڏهن ن ليگ جو ساٿ نه ڏيون ها ته ڪا غير جمهوري قوت اچي وڃي ها جنهنکي ڪڍڻ ڏکيو ٿئي ها اسان پريشر وجهي منصوبو روڪائڻ جي ڪوشش ۾ آهيون، بلاول ڀٽو نيشنل سيڪيورٽي جو اجلاس گهرائڻ جي ڳالھ ڪئي آهي، ڪئنالن جي مسئلي تي عوام جو پريشر آهي ۽ گهٽي گهٽي مان احتجاج پيو ٿئي انڪري اسين پريشر وجهي ڪئنال منصوبي کي واپس ڪرائينداسين صدر اسٽيٽ جو سربراھ آهي، هن پنهنجا سمورا اختيار پارليامينٽ کي ڏنا، ايگزيڪٽو اختيار وزيراعظم وٽ آهن، اسيمبليون ٽوڙڻ جو اختيار به صدر وٽ نه آهي،  گرين انيشيو تحت سنڌ جي سرڪاري زمين حاصل ڪئي وئي آهي، اها زمين آباد ڪرڻ لاء به پاڻي گهرجي ۽ اسان هڪ ايگريمينٽ تحت زمين ڏني آهي جنهن مان سرڪار کي پئسا ملندا ۽ بعد ۾ زمين به واپس ملندي اسان جمهوريت قائم رکڻ لاءِ ساٿ ڏنو، ھن چيو ته نبيل گبول، مولابخش چانڊيو ۽ مير غلام ٽالپر پارٽي جا عهديدار نه آهن اسان ڪلها لوڏڻ شروع ڪيا آهن، ڪئنال ٺاهڻ الڳ ڳالھه ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ الڳ ڳالھه آهي.