لاهور(م ڊ) پاڪستان پيپلز چيو آهي ته اسان هر صورت ۾ چونڊون چاهيون ٿا، ان جو اعلان ڪير به ڪري، اسان کي ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا، ڪمزور ناهيون، نواز ليگ جي الزامن سان ڪو به فرق نه پوندو، پي ٽي آءِ جو ضدي نٿو چاهي ته تڪڙيون چونڊون ٿين. صدر علوي وڪيٽ جي ٻنهي طرف کيڏي رهيو آهي، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ۾ پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو اجلاس بلاول هائوس لاهور ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ملڪ اندر اليڪشن سوڌو سياسي صورتحال تي غور ۽ 90ڏينهن ۾ چونڊون نه ٿيڻ جي صورت ۾ حڪمت عملي جوڙڻ بابت ڳالهيون ٿيون، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻن شازيه عطا مري ۽ فيصل ڪريم ڪنڊي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي ليول پليئنگ فيلڊ ڏني وڃي، شفاف چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن تڪبنديون ضروري سمجهي ٿي ته ضرور ڪري نواز ليگ جيڪو وڻي الزام هڻي پرواهه ناهي، اهو فيصلو پارٽي ڪندي ته انهن سان ڪيئن ڊيل ڪرڻ گهرجي ، اسان ڪنهن به صوبي ۾ ڪمزور ناهيون. شازيه مري الزام لڳائيندي چيو ته نگران حڪومت ڪجهه معاملن ۾ جانبداري جو مظاهرو ڪري رهي آهي چونڊون هڪ ڏينهن ڪرائڻ واري معاملي تي اتفاق ٿي ويو هو پر تحريڪ انصاف جي ضدي اڳواڻ جي ڪري ائين نه ٿي سگهيو. هن وڌيڪ چيو ته سي اي سي ان ڳالهه تي به غور ڪندي ته آئيني طور تي صدر اليڪشن ڏيڻ جي تاريخ ڏيڻ جو حق رکي ٿو يا نه ڇاڪاڻ جو صدر واضح موقف نٿو رکي ۽ وڪيٽ جي ٻنهي طرفن کان کيڏي رهيو هو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مسلم ليگ ن الزام تراشي ڪري ٿي ان سان معاهدي جي حوالي سان پارٽي قيادت طئي ڪندي ته ڪهڙي طرح معاملا هجن، شازيه مري وڌيڪ چيو ته اسان جو ڪو به ضد ناهي جيڪڏهن تڪبنديون ڪرائڻيون آهن ته ڪرايو پر اليڪشن وقت سر ٿيڻ گهرجن، فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اليڪشن ڪميشن طرفان سنڌ ۾ مقررين ۽ بدلين تي پابندي لڳل آهي پر ٻين صوبن ۾ اهي سمورا معاملا معمول موجب هلي رهيا آهن. چئني صوبن ۾ نگران حڪومتون آهن سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن تي پابندي لڳائي وئي آهي جڏهن ته ٻين صوبن ۾ ڪم ڪار هلي رهيا آهن خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ مقرريون ۽ بدليون ٿي رهيون آهن.