اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ عام چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ جي درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي اُڪلائي ڇڏي. چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس امين الدين خان تي ٻڌل 3 رڪني بينچ ملڪ ۾ عام چونڊون هڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي درخواستگذار جي وڪيل شاهه خاور چيو ته سپريم ڪورٽ 4 اپريل تي فيصلو ڏنو ته 14 مئي تي پنجاب ۾ چونڊون ڪرايون وڃن. اسان ان لاءِ هڪ ئي ڏينهن سموري ملڪ ۾ چونڊن لاءِ درخواست ڏني ته جيئن اتفاق راءِ پيدا ٿي سگهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته اهو ئي جهيڙو هو ته اهو فيصلو هو ڪهڙو؟ پنجاب چونڊن جي ڪيس جو آرڊر آف دي ڪورٽ ڪٿي آهي. ٻارن جي پاڻ ۾ جهيڙي يا زمين جي تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ ڌرين ۾ گڏيل راضپو پيدا ڪري سگهجي ٿو. آئيني گهرجن تي عمل ڪرڻ لاءِ عدالت ڪيئن چئي سگهي ٿي. ڌريون اتفاق راءِ پيدا ڪن. ڇا سپريم ڪورٽ آئين کي تبديل ڪري سگهي ٿي؟ جيتري مرضي مفاهمت ڪريو، سڄي دنيا جا پارليامينٽ ميمبر ويهي رهو پوءِ به آئين چٽو ۽ واضح آهي. جسٽس اطهر من الله چيو ته اوهان جو ڪيس اهو هجڻ گهرجي ته آئين جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. چيف جسٽس پاڪستان پنجاب چونڊن جي ڪيس ۾ 4 اپريل جي فيصلي تي دلچسپ رمارڪس ڏنا ته هي اهوئي ڪيس آهي نه جنهن ۾ ڪيترن ئي ججز  جا تمام گهڻا فيصلا هئا. ڪجهه ججز چيو فلاڻو آرڊر آف دي ڪورٽ آهي، ڪجهه ججز چيو ته نه فلاڻو آرڊر آف دي ڪورٽ آهي. هن ڪيس ۾ چار ججز جو آرڊر آف دي ڪورٽ هو.  پنجن ججز جو اهوئي ته جهيڙو آهي؟ ڇا هن وقت ڪو آرڊر آف دي ڪورٽ جاري ٿيو هو؟ ڪنهن ڪيس تي مختلف راءِ هجي ته هڪ آرڊر آف دي ڪورٽ جاري ٿيندو آهي. پيپلز پارٽي جي وڪيل فاروق ايچ نائڪ چيو ته سپريم ڪورٽ 4 اپريل تي فيصلو ڏنو ته پنجاب ۾ چونڊون 14 مئي تي ڪرايون وڃن. انهي فيصلي ۾ به 90 ڏينهن ۾ چونڊن ڪرائڻ جي آئيني فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪئي. وئي. سپريم ڪورٽ آئيني حدن کي مٿانهون استعمال ڪرڻ کي نظر انداز ڪيو. جنهن کان پوءِ درخواستگذار جي وڪيل پنهنجي درخواست واپس وٺي ڇڏي. سپريم ڪورٽ واپس وٺڻ جي بنياد تي عام چونڊون هڪ ئي تاريخ تي ڪرائڻ جي درخواست اُڪلائي ڇڏي. جڏهن ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سموري مُلڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن تي چونڊون ڪرائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران نگران حڪومت تي سوال اُٿاري ڇڏيا. چيف جسٽس پاران فاروق ايڇ نائيڪ کان سوال ڪيو ويو ته اِهو ٻڌايو ته نگران سرڪار ڪنهن جي ايجاد هئي؟ فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته 1985ع ضياءَ الحق آئيني تجديد واري آرڊر ذريعي نگران حڪومت جو تصور آندو. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته ضياءِ الحق ته پنهنجي ئي آئيني تجديد واري حڪم جي جوڻيجو صاحب کي هٽائي ڀڃڪڙي ڪئي، 1990ع ۽ 2002ع ۾ واريون چونڊون نگران حڪومتن کانسواءِ به ٿيون، نگران حڪومتن جو ڪم ڇا هوندو آهي؟ وڪيل فاروق نائڪ چيو ته نگران حڪومت جو ڪم شفاف اليڪشن آهي جيڪي اڄ تائين ناهن ٿيون، چيف جسٽس چيو ته شفاف اليڪشن جو ڪم ته اليڪشن ڪميشن جو آهي، صاف شفاف چونڊون اليڪشن ڪميشن کي ڪرائڻي آهي ته نگران حڪومت ڇو ٺاهي ويندي آهي؟ اليڪشن ڪميشن جو پوءِ ڪهڙو ڪم آهي؟ خير اِهي معاملا ڏسڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي، اسان تشريح ئي ڪري سگهون ٿا، نگران حڪومت جو مقصد منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي پر ان سسٽم تحت اسان هلي رهيا آهيون، حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ کان ڪجهه وقت اڳ اسيمبلي ٽوڙڻ جو ڇا مقصد آهي؟ آئون سوال اٿاري رهيو آهيان شايد پارليامينٽ ان تي غور ڪري،اليڪشن کان اڳ اسيمبلي ٽوڙڻ الڳ ڳالهه آهي، اليڪشن کان اڳ ايئن ڪرڻ سان ڇا ٿيندو؟  سوال اِهو اُٿي ٿو ته ڇا چونڊن کان بلڪل پهرين صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ تي روڪ آهي؟ آئين تحت ته وڏي وزير جو اختيار آهي ته اسيمبلي پهرين ڏينهن ٽوڙي يا آخري ڏينهن، پارليامينٽ کي ڏسڻ گهرجي ته وقت کان پهرين اسيمبلي ٽوڙڻ سان ملڪ کي مالي مسئلن کي منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو. آخر ۾ عدالت سوري مُلڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن تي چونڊون ڪرائڻ واري درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏي.