اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نگران حڪومت عام چونڊن کان اڳ پهرين صنعتي پاليسي آڻڻ جي رٿابندي ڪري ورتي، جنهن لاءِ حڪومت  19 رڪني صنعتي مشاورتي ڪائونسل ٺاهي آهي، ڪائونسل ۾ ملڪ جي نامور صنعتڪارن کي شامل ڪيو ويو آهي. حڪومت صنعت ۽ پيداوار واري نگران وفاقي وزير گوهر اعجاز کي 19 رڪني انڊسٽريل ايڊوائزري ڪائونسل جو چيئرمين مقرر ڪيو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب انڊسٽريل ايڊوائزري ڪائونسل ۾ خانگي شعبي مان 12 ميمبر شامل ڪيا ويا آهن جڏهن ته 6 سرڪاري ميمبر به ايڊوائيزري ڪائونسل ۾ شامل ڪيا ويندا، انڊسٽريل ايڊوائزري ڪائونسل جي رپورٽ جي روشني ۾ پاليسي کي حتمي شڪل ڏني ويندي. نوٽيفڪيشن مطابق ڪائونسل ۾ خانگي شعبي مان محمد علي ٽبه، فواد احمد مختار، رضا منشا، عامر فياض شيخ، وقار احمد ملڪ، عبدالصمد دائود، احسن بشير ۽ سمير چنائي شامل آهن، نوٽيفڪيشن موجب ڪائونسل ۾ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽريز سميت سمورن صوبائي چيف سيڪريٽريز شامل آهن. ذريعن موجب نگران حڪومت عام چونڊن کان اڳ پهرين صنعتي پاليسي آڻڻ جي رٿابندي ڪئي آهي، جنهن لاءِ سمورن شعبن کان تجويزون وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ جي پائيدار معاشي ترقي لاءِ صنعتي پاليسي جوڙي ويندي، جنهن جو مقصد صنعتن کي 100 سيڪڙو پيداواري صلاحيت تي هلائڻ آهي.