وزيراعظم جي صدارت هيٺ ايس آءِ ايف سي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ هڪ هزار ماڻهن جا نالا اِي سِي ايل ۾ وجهڻ بابت غور ويچار ڪيو ويو آهي
اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، نگران وڏن وزيرن، وفاقي وزيرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي
اجلاس ۾ ٽيڪس چوري، بجلي چوري، ڊالر ۽ عام واهپي وارين شين جي ذخيره اندوزي روڪڻ لاءِ مختلف قدم کڻڻ بابت به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي
ذريعن موجب اجلاس ۾ مختلف شعبن سان واڳيل هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ تي به غور ويچار ڪيو ويو
مختلف کاتن جي خراب ساک رکندڙ آفيسرز خلاف ڪارروائي بابت به غور ويچار ڪيو ويو
پرڏيهي سيڙپڪارن کي سهولتون ۽ سڪيورٽي ڏيڻ بابت مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ به ڪئي وئي