اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا هارڊ شپ ڪيٽيگري تحت 146 انتهائي ضروري دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قومي صحت وزارت جي سفارش تي هارڊ شپ ڪيٽيگري تحت عالمي منڊي ۾ خام مال جون قيمتون وڌڻ تي انتهائي ضروري جان بچائيندڙ 146 دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ڊريپ آگاهه ڪيو ته ڊريپ آن لائن پورٽل ذريعي شهري مارڪيٽ ۾ دوائن جي کوٽ بابت شڪايت داخل ڪري سگهن ٿا، وزيراعظم چيو ته حڪومت عام ماڻهو کي دائن جي مناسب قيمت تي فراهمي لاءِ هرممڪن قدم کڻي رهي آهي، حڪومت اهڙيون پاليسيون جوڙي رهي آهي جنهن جوفائدو عام ماڻهو کي ٿئي ۽ فارماسيوٽيڪل جي صنعت به ترقي ڪري، وزيراعظم هدايت ڪئي ته دوائن جي اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي خلاف ڪارروائيون تيز ڪيون وڃن.  ڪابينا ڪمپيٽيشن ڪميشن، اسٽيٽ ايڊمنسٽريشن آف مارڪيٽ ريگوليشن چين وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن جي منظوري ڏني، مفاهمتي يادداشت سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڄاڻ جي مٽاسٽا ۽ ٽيڪنيڪي صلاحيت ۾ واڌ ٿيندي. وفاقي ڪابينا پرڏيهي وزارت جي سفارش تي پاڪستاني ماهرِ نفسيات محمد سليم خان ترين کي نفسيات شعبي ۾ خدمتن تي برطانيا جي بادشاهه چارلس کان ميمبر آف برٽس ايمپائر جو ايوارڊ وصول ڪرڻ جي اجازت ڏني، ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر کي اٽلي پاران ڏنل گولڊ ميڊل فار ايروناٽيڪل ميرٽ وصول ڪرڻ جي اجازت ڏني.