اسلام آباد (م ڊ) نگران حڪومت اي او بي آءِ پينشن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جيڪو جولاءِ کان لاڳو ٿيندو. وزيراعظم جي افرادي قوت بابت خاص مددگار جواد سهراب ايڪس تي نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ٻڌايو ته جولاءِ 2023 کان پينشن جي رقم 17 سيڪڙو واڌ کانپوءِ 8500 مان 10 هزار رپيا ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پينشنرز کي جولاءِ ۽ آگسٽ جون رهتون سيپٽمبر ۾ ادا ڪيون وينديون.