نگران حڪومت، پارٽيون ۽ عوام

0
45
رياست ۽ ادارن سان سياسي راند

 پنجاب ۽ ڪي پي جي صوبائي اسيمبلين کي ٽوڙڻ کان پوءِ پنجاب جي نگران وزيراعليٰ تي اختلاف پوري شدت سان اڀاريندي، عمران خان 24 جنوري کان احتجاج جو سڏ ڏنو آهي. يقينن پي ٽي آءِ خاص ڪري پنجاب جي اندر پنهنجي احتجاج جو ڀرپور مظاهرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ڇو ته ٽن مهينن جي اندر ٿيندڙ صوبائي اليڪشن ۾ جيڪي اميدوار پي ٽي آءِ جي طرفان پنجاب ۾ حصو وٺندا ڇو ته انهن جي اليڪشن وڙهڻ ۾ نگران حڪومت جو جيڪو شيڊ پوندو ۽ جنهن باري ۾ هو سوچين پيا ته جي حڪومتي مشينري هنن جي خلاف ٿي بيٺي ته پوءِ پي ٽي آءِ پنهنجي امڪاني ڪاميابي جي اميد مايوسي ۾ بدلجي ويندي اهوئي سبب آهي، جو هن ملڪ ۾ آئيني ترميم ڪري اليڪشن کان پهريان نگران حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي گڏيل مشاورت سان رستو ڪڍيو ويو، جڏهن ٻئي ڌريون ڪنهن نتيجي تي نٿي پهچي سگھن ته پوءِ ٻنهي ڌرين جا تجويز ڪيل نالا اليڪشن ڪميشن ڏانهن موڪلڻ جو طريقو طئي ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جو فيصلو آخري هوندو، جنهن کي چيليج نٿو ڪري سگھجي، عمران خان حڪومت مان هٽڻ کان پوءِ مسلسل پنهنجي خلاف سازشن جون رڳو ڪهاڻيون ئي گھڙيون ناهن پر انهن ڪهاڻين ۾ وقتن به وقتن هو ڪمال جي ڦيرگهير ڪندي پر الزامن ۽ حملن جو سلسلو مسلسل قائم رکندو اچي پيو، ڪي پي جي نگران وزيراعليٰ تي ٻئي ڌريون يعني حڪومت ۽ مخالف ڌر متفق ٿيون ڇو ته اعظم خان هڪ ساک رکندڙ اهڙو ريٽائرڊ بيورو ڪريٽ آهي. جنهن تي ٻنهي ۾ اختلاف نه ٿيو جڏهن ته اهو نالو مخالف ڌر جي اڳواڻ اڪرم دراني ڏنو هو.

 عمران خان ڪي پي جي نگران وزير اعليٰ جو باربار مثال ڏئي ٿو، پر پنجاب جيڪو ملڪ ۾ وڏي کان وڏو صوبو آهي ۽ اهوئي پنجاب مستقبل جي وفاقي حڪومت جي ضمانت جو بنياد آهي، تنهن ڪري انهيءَ ۾ نگران سيٽ اپ آڻڻ جي لاءِ

عمران خان جي اها يقينن ڪوشش رهندي ته هو پنهنجي فيور جو وزير اعليٰ آڻي ۽ نگران سيٽ اپ ڪرائي. هي ڪيتري نه بدقسمتي آهي جو اليڪشن کان پهريان ڌر بندين ۽ ڌانڌلين جا الزام جڏهن لڳايا وڃن ته پوءِ اهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگھي ته ٿيندڙ اليڪشن متنازع نه ٿيندي. وفاقي حڪومت ۽ موجوده نگران وزير اعليٰ جي هوندي جيڪڏهن اليڪشن جو نتيجو پي ٽي آءِ جي حق ۾ وڃي ٿو ته اهو عمران خان جي طاقت ۾ ڏهوڻ جو اضافو ٿيندو، پر جي صوبائي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ سادي اڪثريت حاصل نٿي ڪري سگھي ته حڪومت ٺهڻ جو پري پري تائين ڪو امڪان نه هوندو. ڀلي ن ليگ يا اتحادي حڪومت جون شامل جماعتون سادي اڪثريت نه حاصل ڪري سگھن، پر پنجاب حڪومت ٺاهڻ ۾ هو وفاقي حڪومت جي ڪري وڌيڪ طاقتور هونديون، ڇو ته اليڪٽيبل پرسن پي ٽي آءِ کان وڌيڪ مخالف ڌر جي طرف مائل ٿيندا ۽ انهيءَ کان علاوه ممڪن آهي ته پي ٽي آءِ جا ناراض فرد جن ۾ ترين گروپ ٻي پي ٽي آءِ جوڙي اڳتي وڌائي ۽ هي به امڪان رد نٿو ڪري سگھجي ته عمران خان سان شامل بي دليا ڪجھه وقت کان پوءِ ٻيا ٻرندڙ سگنل ڏسي پنهنجو رخ مٽائن. اهڙي صورتحال ۾ يقينن عمران خان کي هڪ اهڙو بيانيو ٺاهڻ لازمي آهي ته هو پنهنجي خلاف هڪ وڏو محاذ ۽ سازشن جي ڄار جي تمام گھڻي سياسي پروپيگنڊا ڪري. هي به عمران خان جو ڪمال آهي ته هو اليڪشن کٽڻ کان پوءِ به اليڪشن ڪميشن ۽ مخالفن تي ڀرپور ۽ مسلسل تنقيد ڪندي پنهنجي مخالفت ۽ تنقيد جو محاذ سرگرم رکيو آهي. توڙي جو عمران خان گذريل مڊ ٽرم اليڪشن جي اندر باربار اهو چيو آهي ته منهنجي خلاف ڪير ڪيتري به سازش ڪري، هو ڪامياب نٿو وڃي سگھي ڇو ته عوام جي طاقت ان سان گڏ آهي. انهيءَ کان پهرين هو مسلسل اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجي پاسي ڪرڻ جي هر چال رڳو لڪ ڇپ ۾ نه هلي آهي پر کلي عام هو اهوئي چوندو رهيو آهي ته” اسٽيبلشمينٽ جي مرضي کان سواءِ پاڪستان ۾ ڪجھه به نٿو ٿي

سگھي.“

هاڻي هي نقطه نظر به عجيب آهي ته هڪ طرف هو پاڻ سان عوام جي طاقت هجڻ جي ڳالھه ڪري ٿو ۽ ٻئي طرف وري اسٽيبلشمينٽ جي نيوٽرل ڪردار تي سخت تنقيد ٿو ڪري، جنهن جو مقصد صاف ظاهر هي آهي ته هي پنهنجي حڪمتِ عملين سان اسٽيبلشمينٽ کي پنهنجي طرف مائل ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش پيو ڪري ۽ هن کي هي به يقين ٿي چڪو آهي ته ” انهن جي مرضي “ کان سواءِ سندس سياسي ٻيڙو نٿو هلي سگھي.

 هن بحث جو مقصد ٿيندڙ صورتحال جو ورجاءُ ڪرڻ ناهي، پر هي ڏسڻو آهي ته هن ملڪ جي سياست ۾ سڀ جون سڀ سياسي جماعتون پنهنجي تنظيمي سگھه ۾ ڪيترو يقين رکن ٿيون يا پارٽي جي تنظيمي سگھه کي وڌائڻ جي لاءِ ڪيتريون سنجيدا آهن ۽ انهيءَ کان وڌيڪ هو جيڪو ”عوام “ جون دعوائون ڪن ٿيون ته عوام جي طاقت کي سياسي جدوجهد ۾ آڻڻ جي حق ۾ به آهن يا نه؟ جيڪڏهن سياسي پارٽيون پنهنجي تنظيمي سگھه کي مضبوط کان مضبوط ڪن ته انهن جي تنظيمي طاقت جي اڳيان ڪنهن جي به سازش نٿي هلي سگھي ۽ ڪا به طاقت پارٽين جي تنظيمي سگھه کي شڪست نٿي ڏئي سگھي. اهوئي سبب آهي جو مشهور آمريڪا ۽ ويٽنام جي جنگ جي خاتمي کان پوءِ جنهن ۾ آمريڪا کي بد کان بدتر شڪست ملي هئي ته صدر جانسن کان هي سوال ڪيو ويو هو:

 ” جناب صدر توهان وٽ تمام جديد هٿيار ۽ دنيا جي مضبوط کان مضبوط فوج آهي ڪهڙو هٿيار اوهان وٽ ناهي نه فوج ۾ ڪمي نه هٿيارن ۾ ۽ نه وري دولت ۾ پوءِ توهان ويٽنام ۾ شڪست ڇو کاڌي؟“ جانسن جواب ڏيندي چيو ته: ” يقيقن اسان وٽ بهترين فوج ۽ جديد کان جديد هٿيار آهن اسان جنگ ۾ انهن سڀني جو استعمال ڪيو ويٽنام جي مزاحمتي تحريڪ وٽ نه هٿيار هئا نه تربيت يافته فوج ۽ نه وري دولت پر هڪ طاقت ويٽنام جي تحريڪ ۾ اهڙي هئي جنهن کي اسان شڪست نه ڏئي سگھياسين ان جو نالو آهي مضبوط، منظم تنظيم. اسان وٽ ڪو به اهڙُو هٿيار ناهي جنهن سان ان تنظيم کي شڪست ڏئي سگھون ۽ نه وري ڊالرن يا سون ۽ چاندي ۾ اها طاقت آهي جنهن سان انهيءَ کي ٽوڙي سگھجي يا خريد ڪري سگھجي، اسان جي شڪست جو اصل سبب ۽ هٿيار ويٽنامي عوام جي سياسي ۽ منظم تنظيم هئي.

“ حب الوطني جي مزاحمتي جنگ کان علاوه پوري دنيا ۾ اسان ڏسي سگھون ٿا ته سياسي تنظيمن کي نه ڪا اسٽيبلشمينٽ ختم ڪري سگھي آهي ۽ نه وري ڪا سياسي سازش يا وري ڪا حڪومت انهن کي مٽائي سگھي آ، سياسي منظم تنظيمون ئي پنهنجو تعلق عوام سان جوڙي عوام جي سگھه کي اڳتي آڻي ڪاميابيون ماڻينديون آهن ۽ اهوئي ڪاميابيون جمهوريت جي طاقت بڻبيون آهن ۽ اهائي طاقت ملڪ جي معيشت کي ترقي جي اعليٰ مقام تي پهچائيندي آهي.

صرف ووٽ سان چونڊيل حڪومت جنهن ۾ نه تنظيم جو ڪردار آهي ۽ نه وري عوام جي سياسي شعور جو ڳانڍاپو اهڙيون حڪومتون تاريخ جي بحرانن مان پنهنجي عوام کي ٻاهر ناهن ڪڍي سگھنديون ۽ نه وري ليڊر جي چمڪ ڌمڪ سان يا الزامن جي جذبات اڀارڻ سان پارٽيون مستقبل بنيادن تي طاقتور ٿي سگھن ٿيون. اهو اصول ۽ سياست جي ان سائنس مان هن ملڪ جا ليڊر سياسي پنڊت ۽ اشرافيا ڪلاس جا دانشور پوري طرح باخبر آهن ۽ انهن کي اها ٺيڪ طرح سان ڄاڻ آهي ته مضبوط پارٽين ۾ ليڊر يا خاندان پنهنجون من موجيون ۽ مستيون نٿو ڪري سگھي ۽ سياسي شعور رکندڙ عوام پنهنجي مٿان ڪا ٺڙڪ ٺڳي جي سياسي راند برداشت ڪري سگھي ٿو، تنهن ڪري هن ملڪ ۾ سياست جو بنياد نه تنظيم آهي نه عوام پر اشرافيا ٽولو دولت جي جھنڪار، الزام تراشيون، تعصب ۽ نفرت جي هٿيارن سان ٿيندڙ سياست ۾ يقينن نگران حڪومت جي حمايت يا طاقتور ادارن جي مدد کان سواءِ ”اليڪشن جي راند “ کيڏڻ نه رڳو ڏکي آهي پر تمام گھڻي مشڪل ۽ رسڪي به ۽ جيڪو اسان کي نظر پيو اچي ته الزام ۽ ڪاميابي جي لاءِ مدد يا چور دروازو اهو مسئلو سڀني سان آهي ها فرق هي آهي ته وقت ۽ حالتن ۾ ڪڏهن ڪو اڳتي آهي ۽ وري ڪو پوئتي.