ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) سنڌ جي نگران سرڪار کي جهٽڪو: سنڌ هاءِ ڪورٽ سسٽم جو حصو ڄاڻائي معطل ڪيل11 مختيارڪارن کي بحال ڪري ڇڏيو، چيف سيڪريٽري، بورڊ آف روينيو ۽ لينڊ يوٽيلائيزيشن جي سيڪريٽري کان جواب طلب، ان ڏس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ روينيو کاتي پاران  ڪراچي جي 11 مختيارڪارن کي معطل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران سندن وڪيل ملڪ الطاف جاويد عدالت کي ٻڌايو ته 30 آگسٽ تي لينڊ يوٽيلائيزيشن جي سيڪريٽري 11 مختياڪارن کي بنا ڪنهن سبب جي معطل ڪري ڇڏيو ھو، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنرن کانئن 2012ع  کان آگسٽ 2023ع تائين زمينن جي ميوٽيشن جو رڪارڊ طلب ڪيو هو،  هن چيو ته 30 آگسٽ تي جاري ڪيل معطلي  واري نوٽيفڪيشن کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي، عدالت مختيارڪارن جي معطلي واري نوٽيفڪيشن کي معطل ڪندي کين بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيف سيڪريٽري، لينڊ يوٽيلائيزيشن ۽ بورڊ آف روينيو جي سيڪريٽرين سميت  ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 27 سيپٽمبر تائين جواب گھري ورتو، واضح رهي ته سميع الله جمالي، آصف علي سميت 8 معطل مختيارڪارن عدالت سان رابطو ڪيو، 30 آگسٽ تي روينيو کاتي انور ڪنڀر، ابراهيم حيدري، رياض مغيري، عبدالجليل بروهي سميت 11 مختيارڪارن کي معطل ڪري سندن خلاف چارج شيٽ جاري ڪئي ھئي،