ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته ڪراچي مان اسٽريٽ ڪرمنلز  ۽ ڪچي مان ڌاڙيل راڄ جو خاتمو آڻينداسين، ڪالهه لاهوت ويندي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل ٺٽي ضلعي جي 18 لاهوتي ڳوٺاڻن جي جناري نماز ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته    مون امن امان جي صورتحال تي ڪيترائي اجلاس ڪيا آهن، نگران حڪومت اهڙن آفيسرن جون بدليون ڪيون،  جيئن اهي مراد علي شاهه جا ماڻھو ھئا، ڪنھن آفيسر کي ڪٿي ۽ ڪنهن کي  وري  ٻئي هنڌ مقرر ڪيو ويو، حد ته اها هئي جو ايس ايڇ اوز ۽ ٻين آفيسرن کي تبديل  ڪيو ويو، جنهن سبب امن امان جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي آهي. هن چيو ته امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ اسانجي اولين ترجيح آهي، اسان جي پوليس سرگرم آهي. هن چيو ته پوليس ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي روڪٿام لاءِ  ڪيتريون ڪارروايون ڪيون آهن، ڪيترن ئي ڌاڙيلن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي. ڪشمور جي ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرز گڏيل ڪارروائي ڪري رهيون آهن،  انشاءَ الله صورتحال تي جلد ضابطو آڻينداسين. هن وڌيڪ چيو ته 2008ع ۾ اسان جي حڪومت نه هئي، ان  وقت  ڪراچي بدامني ۾ دنيا جو ستين نمبر تي هو، 2022ع ۾ اسان جي حڪومت ۾ ساڳيو شهر 128هين نمبر تي هو. هن چيو ته اسان اڳ به بهتر ڪم ڪيو آهي ۽ ٻيهر ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ حڪومت جو طريقه ڪار آهي ته حادثي ۾ فوت ٿيندڙن لاءِ هڪ لک رپيا في ماڻهو انشورنس ٿيل آهي، ٺٽي واسين سان حادثو بلوچستان ۾ ٿيو آھي پر انهي سان ڪو فرق نٿو پئي، متاثر خاندانن جي مدد ڪئي ويندي.