لاهور (شوبز نيوز) عامر لياقت جي بيواهه دانيا شاهه جو پنهنجي ٻي شادي بابت چوڻ آهي ته هن نڪاح ڪيو آهي ڪو ڏوهه ناهي ڪيو.
ان ڏس ۾ دانيا شاهه جي هڪ تتقريب ۾ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن. وڊيو ۾ دانيا کي ڪنوار جي روپ ۾ اسٽيج تي مڙس سان گڏ ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته نڪاح جي تقريب دوران دانيا ۽ سندس مڙس حڪيم نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏنو
دانيا شاهه حڪيم شهزاد سان پهرين ملاقات بابت ٻڌايو ته هن نڪاح ڪيو آهي ڪو ڏوهه ناهي ڪيو، مون سنت ادا ڪئي آهي جيڪا هر عورت کي ڪرڻ گهرجي ڇو ته عورت کي مرد جو سهارو گهربل هوندو آهي مون کي به ضرورت هئي. هن چيو ته شهزاد مون کي شاديءَ جي آڇ ڪئي جنهن تي مون گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ ساڻس نڪاح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو
مڙس سان ملاقات بابت دانيا ٻڌايو ته امڙ کائنس دوا وٺڻ وئي هئي جتي شهزاد جي منهنجي فيملي سان ملاقات ٿي ۽ پوءِ ڄاڻ سڃاڻ ٿي، مان هن سان پهريون ڀيرو بار بي ڪيو ۾ ملي هيس. شهزاد سان شادي ڇو ڪئي واري سوال تي دانيا شاهه چيو ته هو هڪ سٺو انسان آهي ۽ سچي شخصيت جو مالڪ آهي