نَئين سر تعمير ۽ وقت جي اهميت

0
156
“ساڳيا لاٽون ۽ ساڳيا چُگهه” کان اڳتي ھلڻو پوندو!

 سنڌ حڪومت 2022ع جي ٻوڏن جي آندل تباهين ۽ نقصانن کان پوءِ سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن کي بحال ڪرڻ لاءِ وڏيون ۽ گهڻ پاسيون رٿائون جوڙيون آهن ۽ انهن لاءِ عالمي بئنڪ، ايشيائي بئنڪ ۽ ٻين ادارن سان ڳالهيون ڪري پئسن جو بندوبست ڪرڻ واري مرحلي تي پهچي چڪي آهي. ان ۾ سنڌ جي بحالي لاءِ زراعت، ايريگيشن، لکن جي تعداد ۾ ڪريل گهرن جي جاءِ تي نوان گهر جوڙڻ، نقصان وارن گهرن جي مرمت، ماڻهن کي روزگار لاءِ پئسا، غريب عورتن لاءِ پئسا، ڳورهارين عورتن لاءِ بهتر علاج ۽ کاڌ خوراڪ، پيئڻ جي پاڻي جي اسڪيمن جي بحالي، تمام غريب طبقي خاص ڪري عورتن لاءِ سماجي تحفظ، 1122 جي هنگامي حالتن واري خدمت جو 24 ضلعن تائين ڦهلاءُ، روڊن جي بحالي جهڙين اهم رٿائن، کانسواءِ ٻيون ڪيتريون ئي پائيداري ڏانهن وٺي ويندڙ ترقي جون رٿائون شامل آهن. شايد سنڌ جي تاريخ ۾ ڪنهن به هڪ سال ۾ ايڏي وڏي انگ ۾ ترقي ۽ بحالي تي ايتراپئسا نه رکيا ويا آهن. ان اهم قدم جو پورائو ڪرڻ کانپوءِ حقيقت ۾ هاڻ حڪومتي سطح کان وٺي، ادارتي ۽ عام سماجي سطح تي اهڙو نظام برپا ڪرڻو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪمن جو معيار ۽ وري تعمير جي جاکوڙ پائيداري تي مشتمل هجي. جيڪڏهن ، خدا نه ڪري، اهڙي آفت وري اچي ته سنڌ ۾ سهپ به هجي ۽ نقصان به گهٽ ٿين. ٻي جيڪا سڀ کان وڌيڪ وزنائتي ڳالهه آهي ته ڇاڪاڻ ته انهن سمورين رٿائن ۽ بحالي ۾ عالمي ادارن کان رعائتي اگهه تي قرض کنيا پيا وڃن، جيڪڏهن انهن مان عام ماڻهن جي جٽادار ڀلائي وارو لاڀ حاصل نه ڪري سگهياسين ته شايد ايتري تعداد ۾ سرمايو وري اسان کي نه ملي سگهي ۽ اسان ٽٽل ڦٽل سنڌ کي وري پيرن تي بيهاري نه سگهون. پاڪستان هڪ غريب ملڪ آهي، جنهن وٽ پنهنجن ماڻهن کي ترقي ڏانهن گامزن ڪرڻ لاءِ پنهنجو سرمايو نه آهي. دنيا جي ڏنل قرضن جي واپسي ۾ ئي اسان جي سرڪاري بجٽ ۽ سرمائي جو ساهه نڪريو وڃي. تان جو قرض لاهڻ لاءِ پڻ قرض کڻڻا پوندا آهن. اهڙين حالتن ۾ دنيا جا ڪئي ملڪ هئا، جن انهن قرضن کي صحيح طريقي سان استعمال ڪيو. اسان تي پڻ فرض آهي ته قرضن جي نتيجي ۾ ٺهندڙ رٿائن کي شفافيت، عقل، انتظامڪاري ۽ رٿائن کي هلائڻ جي سمجهه ۽ ڏانءُ ۽ هڪ مربوط ۽ مضبوط پراجيڪٽ مينيجمينٽ (رٿائن جي انتظامڪاري) سان هلايون، نه ته دنيا ايئن چوندي ته ”هڪ اڻهوند ٻيو وري افعال بڇڙا!“.

جيئن شروع ۾ عرض ڪري آيس ته سنڌ ۾ ڪئي رٿائون شروع ٿينديون ۽ ڪجهه رٿائون ته شروع به ٿي چڪيون آهن. رٿائون، ادارا ۽ ان سان لاڳاپيل ڪم ڪرڻ جا قاعدا ۽ قانون پيچيده آهن. ان ڪري نئين سر تعمير ۾ وقت ضرور لڳندو. سياسي ۽ سماجي طورتي ماڻهن ۽ عالمي ادارن طرفان هڪ قسم جو پريشر هوندو آهي ته ڪم تڪڙا ٿين. اِهو سياسي طؤر تي پڻ لاڀ ڏيندڙ عمل آهي ته جيتري تڪڙي بحالي ٿيندي، اوتري واهه واهه ٿيندي. اليڪشن به جهڙوڪر مٿان بيٺي آهي، پر ”تڪڙي ڪم جي ضرورت، ان جي رفتار کي ذهن ۾ رکندي، اهڙو ڪم نه ڪجي جنهن جي معياري هجڻ ۽ جنهن جي ضرورت هجڻ تي آڱريون کڄن“. ڪم تڪڙو پر معياري ڪرڻو آهي ته جيئن اهي اڏاوتون ۽ پراجيڪٽ ماڻهن لاءِ فائديمند ٿي سگهن. ٻيو اِهو ته ماڻهن کي پاڻي مان ڪڍڻ وارو هلندڙ مرحلو نئين سر تعمير جو حصو ناهي، ان ڪري اِهي ڪم ڀلي انتهائي تڪڙي بنياد تي ڪيا وڃن. بيمارين کان بچاءُ لاءِ ڪئمپون، عورتن، ٻارن ۽ وڏي ڄمار جي ماڻهن کي صحت جون تڪڙيون سهولتون ڏيڻ جهڙا ڪم نئين سر تعمير جي وقت وٺندڙ ڪمن کان جدا آهن. سنڌ حڪومت جي انتهائي ڪوشش آهي ته ماڻهن تائين انهن جي روزي روٽي ۾ مدد لاءِ پئسا پهچايا وڃن ۽ ان کي تڪڙي پئسن جي ترسيل جي ذريعي عمل ۾ آندو وڃي. ان ڪم لاءِ هڪ مضبوط ”سڃاڻپ ۽ حقدار تائين پهچائڻ جو نظام“ ضروري آهي.

مون اڳ ئي عرض ڪيو هو ته سنڌ ۾  رٿائن جي انتظام ڪاري جي صلاحيتن ۽ پروفيشنلز جي کوٽ آهي، مٿان وري اسان جو ڪامورڪو، ادارتي  ۽ انتظامي رويو اهو آهي ته ”مون کي سڀ خبر آهي، آئون چڱي ريت ڄاڻان ٿو. هاڻ تون مون کي ٻڌائيندين ته ڪم هيئن يا هونءَ ڪم ڪرڻا آهن!؟“ . جديد دور جي انتظامڪاري ان رويي کي دقيانوسي سان گڏ ترقيءَ جي خلاف رويو سمجهي ٿي. ان ڪري جيڪي فيصله ساز ادارا، سياستدان ۽ ڪامورا آهن، انهن کي کليل دل سان ”پراجيڪٽ جي ٽيم“ واري گڏيل احساس کي قبول ڪرڻو پوندو. ان سان گڏ هڪ سيکاريندڙ، للڪاريندڙ، گڏ ڪم ڪندڙ، فيصلو ڪندڙ، گڏ کڻي هلندڙ، خيال ڪندڙ قيادت جي ضرورت آهي. ان ۾ اداري جا سيڪريٽري، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر، پنهنجي شعبي جا سربراهه (ڊائريڪٽر، ڊائريڪٽر جنرل، ايم ڊي، چيف انجنيئر وغيره وغيره) شامل آهن. جيتري پراجيڪٽ جي قيادت ۽ ٽيم اهل هوندي اوترائي پراجيڪٽ بهتر ۽ لاڀ ڏيندڙ ٿي سگهندا. ڇاڪاڻ ته ڪم جي ڄاڻو ماڻهن جي اڻاٺ آهي، ان ڪري، رٿائن جي انتظامڪاري ۾ ”نوڪري ڪندي سکيا حاصل ڪرڻ on job learning ، پراجيڪٽ جي ڪنسلٽنٽس سان گڏ اداري جي اسٽاف کي گڏائڻ (secondment)، تربيت جو مربوط پروگرام، جهڙا عمل هجڻ کپن. اسان وٽ سکيا جا ڪئي ادارا موجود آهن جتي پراجيڪٽ مينيجمينٽ جون مختلف تربيتون ٿين ٿيون، انهن ادارن ۾ نوجوان پروفيشنل کي اداري ۽ رٿا جي نوعيت جي حساب سان ٽريننگ پڻ ڪرائي سگهجي ٿي. سڀ کان بنيادي ڳالهه آهي ته پراجيڪٽن تي مقرريون ميرٽ (اهليت ۽ قابليت) جي بنياد تي تي ٿيڻ گهرجن. ان سان پراجيڪٽ جي معيار ۽ رفتار کي ڀلي ڀت بهتر ڪري سگهبو ۽ جيڪي به ٽارگيٽ مقرر ڪيا ويا آهن تن کي حاصل ڪري سگهبو. شفافيت سان گڏ اهليت اهڙا گُڻ آهن، جيڪي اسان جي ادارتي ۽ معاشرتي ڪردارکي تمام گهڻو مٿاهون ڪري سگهن ٿا. ان کي ڪنهن ديواني جو خواب نه هجڻ کپي، بلڪه اها هڪ سياسي ۽ سماجي سوچ ۽ عمل هجڻ کپي.

دنيا ۾ آفتن کان پوءِ وري تعمير ۾ گهٽ وقت ۾ بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ ”رٿابندي جي انتظامڪاري“ جي هڪ اهم هٿيار ”وقت جي انتظامڪاري (time management) کي استعمال ڪيو ويندو آهي. خانگي شعبي ۾ ته وقت جي صحيح ۽ فعال استعمال تي ڪافي ڪم ٿي چڪو آهي. هاڻ سرڪاري ادارا پڻ ان تي ڌيان ڏئي رهيا آهن. اسان سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگيءَ کي جڏهن ڏسنداسين ته نظر ايندو ته جن ادارن ۾ وقت جي پابندي ۽ ان جو صحيح استعمال ڪيو ٿو وڃي، ان جي ڪارڪردگي بهتر هوندي آهي. ڪهڙوڪم ڪڏهن ڪرڻ کپي ۽ ڪيترو ڪرڻو آهي، ڪم ڪرڻ لاءِ جيڪي گهربل ماحول، سهولتون، سسٽم موجود آهن، ان کي ڪيئن بهتر ڪجي، وقت سر فيصله سازي، بهتر رابطه ڪاري ۽ هڪ ٻي جي ڳالهه سمجهڻ جهڙيون شيون شامل آهن. سرڪاري ادارا آهستي آهستي اِهي گُرَ سکي رهيا آهن ۽ بهتري آڻي رهيا آهن. انهن وصفن کي بهتر طريقي سان پراجيڪٽن ۾ استعمال ڪرڻو پوندو. رٿائن کي پورو ڪري مقصد حاصل ڪرڻ جو ڍانچو، ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هر پراجيڪٽ ۾ ٺهيل هوندو آهي. ان کي چڱي ريت سمجهي، ان ڍانچي جي عمل ڪرڻ ۾ ايندڙ مسئلن کي حل ڪري پراجيڪٽ کي تڪڙو ۽ معياري ڪري سگهجي ٿو. ڪم ڪرڻ جو چيرو (schedule) ته ننڍي وڏي رٿا ۾ هوندو آهي، ان کي پڻ هر وقت اکين آڏو رکڻ کپي. ڪمپيوٽر ان ڏس ۾ تمام گهڻيون آسانيون پيدا ڪري ڇڏيون آهن. ان ۾ پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪندڙ انجنيئر ’مائڪرو سافٽ پراجيڪٽ‘ ۽ پرائيماويرا Primavera جهڙا سافٽ ويئر منصوبه بندي ۽ ان جي پيش رفت ڏسڻ لاءِ استعمال ٿيندا آهن. سنڌ جا نوان انجنيئر ۽ ڪميشن مان پاس ڪيل سينيئر انجنيئر ۽ ٻيا پروفيشنل اِهو ڪم ڄاڻن ٿا. ان ڪري انهن کي همٿائڻ گهرجي. اهڙين گڻن ۽ گُرن واريون تربيتون ڪرائڻ گهرجن.

ٻيو اهو ته خاص ڪري جيڪي ڪامورا يا ٻيا سينيئر آفيسر اهي ڪم نٿا ڄاڻن سو پنهنجو داٻو اهڙين عملن کي پوئتي ڌڪيندي قائم ڪندا آهن. اِن ڪري ان ڏس ۾ ادارتي صلاحيت جو ڪاٿو هڻي، تربيتن جا موقعا پيدا ڪرڻ کپن. ان تربيتن ۾ شروعاتي ۽ وچ ٿري تجربي وارا عملدار هجڻ کپن. تربيتن کي ادارتي ”وڏا ماڻهو“ هروڀرو جو خرچ سمجهندا آهن، جيڪو دنيا جي تجربن ۽ تحقيق مطابق بلڪل غلط آهي، بلڪه تربيتن جي ڪري ادارا ۽ پراجيڪٽ پنهنجي معيار ۽ ساک ۾ اڳتي وڌندا آهن.

آخري عملي ڳالهه جيڪا عرض ڪرڻي هُئي اُها آهي رٿائن جي پروڪيرمينٽ ⁄  ٺيڪن کي ڏيڻ جي نظام کي کُليل رکڻ سان ڪافي مسئلا حل ٿي ٿا وڃن. ڪنسلٽنٽس، ٺيڪن ۽ ٻي خريداري کي قانوني ۽ قاعدن مطابق ڪرڻ سان، حڪومتي ادارن ۾ ماڻهن جي ساک، پراجيڪٽن جو معيار ۽ سنڌ جو مستقبل بهتر ٿي سگهي ٿو! پر ان تي عمل ڪرائڻ شايد ”اناالحق“ جو نعرو هڻڻ جهڙو ڏکيو آهي!.

(هن آرٽيڪل جي تياري ۾ Effective time management in post disaster reconstruction) ۽ ڪجهه ٻين تحقيقن کان مدد ورتي وئي آهي).