لکنئو(م ڊ)افغانستان نيڌر لينڊ کي شڪست ڏئي سيمي فائنل جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويو آهي، لکنئو ۾ کيڏيل ورلڊ ڪپ جي 34 هين ميچ ۾ نيڌر لينڊ جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 47 هين اوور ۾ 179 رنز تي ڍير ٿي وئي،  افغانين 3 وڪيٽون وڃائي هدف ماڻي ورتو، حشمت الله شاهدي 58 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو، افغانستان 4 ميچ کٽي 8 پوائنٽن سان پاڪستان کي پوئتي ڌڪي پنجين نمبر تي اچي ويو آهي اهڙي ريت سيمي فائنل واري ڊوڙ ۾ به شامل ٿي ويو آهي