ايمسٽرڊم(اسپورٽس نيوز) نيڌرلينڊز آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رُڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ذريعي ڀارت ۾ شيڊيول ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ نيڌرلينڊز جي ٽيم جو اعلان ڪيو.عالمي ڪپ لاءِ اعلانيل اسڪواڊ ۾ اسڪائوٽ ايڊورڊس ( ڪپتان)، ڪولِن ايڪرمن، شيرز احمد، ويزلي بريسي، لوگِن وين بيڪ، آريان دت، ايس اي انگلبريخت شامل آهن.ان کانسواءِ ريان ڪلين، باس دي ليڊي، پائول وين ميڪرين، ريلوف ونڊر ماروي، تيجا ندامنارو، مئڪس او دائود، وڪرم سنگهه ۽ ثاقب ذوالفقار به اسڪواڊ جو آهن.ڀارت ۾ شيڊيول آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ پنج آڪٽوبر کان شروع ٿيندو،