نيپرا پگهارن ۾ پاڻ ئي 220 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي: چيئرمين جي پگهار 10 مان وڌائي 32 لک مقرر

0
27
نيپرا پگهارن ۾ پاڻ ئي 220 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي: چيئرمين جي پگهار 10 مان وڌائي 32 لک مقرر
نيپرا پگهارن ۾ پاڻ ئي 220 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي: چيئرمين جي پگهار 10 مان وڌائي 32 لک مقرر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيپرا چيئرمين ۽ ميمبرن پنهنجي پگهارن ۾ پاڻ ئي 220 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو ذريعن موجب نيپرا چيئرمين ۽ ميمبرن جي پگهارن ۾ اضافي لاءِ وفاقي ڪابينه کان منظوري قانوني طور لازمي آھي پر نيپرا ڪابينه کان منظوري وٺڻ کانسواءِ  پاڻمرادو ئي غير معمولي واڌ ڪري ڇڏي آھي  ذريعن موجب نيپرا چيئرمين ۽ ميمبرن جي ماهوار پگهار ۾ 20 کان 25 لکن تائين واڌ ڪئي وئي آھي اهڙي واڌ ايڊهاڪ ريليف، ريگيوليٽري الائونس جي مد ۾ ڪيو ويو آھي. سال 2023 جي نظرثاني نوٽيفڪيشن موجب نيپرا چيئرمين ۽ ميمبرن جي پگهار تمام مراعتن سوڌو 10 لکن جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿي پر پاڻمرادو ڪيل واڌ سان چيئرمين نيپرا جي 32 لکن کان پگهار وڌي وئي آھي جڏهن نيپرا اٿارٽي جي چئني ميمبرن جي ماهوار پگهار 29 لک ٿي وئي آھي ذريعن مطابق چيئرمين نيپرا ۽ ميمبرن کي ايم پي ون اسڪيل تحت پگهار حاصل ڪرڻ جي قانوني اجازت آھي نيپرا جي اڳوڻي چيئرمين توصيف فاروقي  صحافين  کي ٻڌايو آھي ته منهنجي پگهار سڀ ڪجھه ملائي 7 لک 90 هزار  هئي، آگسٽ 2023 تائين چيئرمين نيپرا طور اها پگهار حاصل ڪئي منهنجي دور ۾ ميمبرن جي7 لک 40 هزار پگهار هئي هن تصديق ڪندي چيو ته پگهارن ۾ واڌ ڪابينه ئي ڪري سگهي ٿي.