نيپرا پاران سنڌ ۾ بدترين لوڊ شيڊنگ جو نوٽيس

0
212
خبردار: بجلي وڌيڪ

اسلام آباد: نيپرا سنڌ ۾ جي مختلف علائقن ۾ بدترين لوڊشيڊنگ بابت هلندڙ خبرن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. نيپرا اٿارٽي پاران نيپرا جي ڪراچي، سکر، حيدرآباد جي آفيسن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته فيلڊ ۾ وڃي لوڊ شيڊنگ جي صورتحال جو جائزو ورتو وڃي. سمورين آفيسز کي اڄ شام تائين لوڊ شيڊنگ بابت رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، انهن رپورٽن جي روشني ۾ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.