اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيپرا به بجلي سستي ڪري ڇڏي، ڪراچي لاءِ خاص رليف ڏئي اگهه ۾ في يونٽ 3 رپيا لاٿ ڪئي وئي. تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف پاران بجلي سستي ڪرڻ واري اعلان بعد نيپرا به بجلي اگهه ۾ هڪ رپيو 90 پيسا لاٿ ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڪراچي لاءِ 3 رپيا 2 پيسا في يونٽ تي خصوي رليف ڏنو ويو آهي. نيپرا پاران ان سلسلي ۾ باضابطا نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب بجلي اگهن ۾ اها لاٿ ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ آڪٽوبر کان ڊسمبر 2024ع تائين هوندي، صارفين کي 56 ارب 38 ڪروڙ جو رليف ملندو. ڪي اليڪٽرڪ سميت سمورن ڊسڪوز جا صارفين فائدو ماڻيندا، اگهن ۾ لاٿ اپريل کان جون تائين جي بلن ۾ ڏني ويندي . نوٽيفڪيشن موجب بجلي اگهن ۾ لاٿ لائيف لائن ۽ پري پيڊ صارفين تي لاڳو نه هوندي. نيپرا موجب ڊسڪوز ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي سستي ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي هئي جنهن تي ٻڌڻي ڪرڻ بعد اگهه گهٽايا ويا.