اوڳاڙي نه ٿيڻ تي لوڊشيڊنگ فيڊر مان نه، پي ايم ٽي مان ڪئي وڃي، نيپرا بل ادا ڪندڙ علائقن کي لوڊشيڊنگ جي عذاب کان بچائڻ لاءِ وڏو فيصلو ڏئي ڇڏيو
نيپرا چيو آهي ته فيڊر مان بجلي بند ڪرڻ سان وڏو علائقو بجلي کان محروم ٿي ويندو آهي، اُن ۾ پوري بلنگ ڪندڙ به اچي ويندا آهن، بل ادا ڪندڙن جي بجلي بند ڪرڻ غير ذميواري آهي
نيپرا پاران پورو بل باوجود لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيندڙ شهري جي درخواست تي فيصلو جاري، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ فيڊر مان بجلي بند ڪرڻ بدران پي ايم ٽي سان رموٽ پاور سسٽم وسيلي لوڊشيڊنگ ڪري، اي ٽي اين سي لاسز جي بنياد تي لوڊشيڊنگ نيپرا ايڪٽ 2005 جي ڀڃڪڙي قرار