پاليڪيلي ( اسپورٽس نيوز ) ايشيا ڪپ جي ڀارت نيپال خلاف خراب فيلڊنگ بحث جو موضوع بڻجي وئي آهي. ايشيا ڪپ جي پنجين ميچ سريلنڪا جي پاليڪيلي اسٽيڊيم ۾ ڀارت ۽ نيپال جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي پئي وڃي، جتي ڀارتي ڪپتان ٽاس کٽي پهريان بالرن کي آزمائڻ جو فيصلو ڪيو. نيپالي اوپنرن ڀارتي بالرن خلاف شروعات ۾ جارحاڻو رويو اختيار ڪيو ۽ ميدان جي چئني پاسي اسٽروڪ کيڏڻ شروع ڪيا، ڀارتي بالرن پنهنجي بالنگ سان وڪيٽ حاصل ڪرڻ جا ڪيئي موقعا پيدا ڪيا پر فيلڊرن ٽي ڪيچ ڊراپ ڪيا. فيلڊنگ دوران هندستاني رانديگر وائڙا ٿي ويا.