لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ايشين يوٿ گرلز نيٽ بال چيمپيئن شپ ۾ پليٽ ڪپ ڊويزن جي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. پاڪستان گرلز نيٽ بال ٽيم ڏکڻ ڪوريا ۾ جاري چيمپيئن شپ ۾ جاپان کي 39 جي مقابلي ۾ 64 گولن سان شڪست ڏني. پاڪستان جمعي تي مالديپ يا چائنيز تائيپي خلاف پليٽ ڪپ ڊويزن جو فائنل کيڏندو.