ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي نيٽي جيٽي پل تي خوفناڪ حادثو: صنعتڪار ۽ سندس پٽ فوت، 2 زخمي، پوليس موجب نيٽي جيٽي پل تي تيز رفتار ٽرالر ڪار، موٽر سائيڪل ۽ رڪشا کي ٽڪر هنيو، جنهن سبب صنعتڪار محمد اشرف ۽ سندس پٽ نويد فوت ٿي ويا، سندس ٻيو پٽ عثمان زخمي ٿيو. پوليس موجب ٽرالر جي ٽڪر ۾ سبب ڪار پل تان ڪري پئي، حادثي ۾ رڪشا سوار به زخمي ٿيو، ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو، جڏهن ته ٽرالر کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي، محمد اشرف پٽن سان گڏ ڊفينس مان فيڪٽري وڃي رهيو هو، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.