هاري ڪارڊ هارين کي ملندو يا زميندارن کي؟ هاري ڪارڊ آهي يا زميندار ڪارڊ؟ سوشل ميڊيا تي اهي سوال اٿاريا ويا، سوشل ميڊيا تي اهو به چيو ويو ته هاري کان زمين جو ستون فارم گهريو پيو وڃي، هاري ڪهڙو زميندار آهي جو ان وٽ زمين جو فارم هوندو، ان سلسلي ۾ سرمد حيدرآباد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪارڊ جو نالو رکيو اٿن ھاري ڪارڊ ، ھاري کان زمين جو Vii فارم گھرن ٿا، جڏھن ھاري وٽ ذاتي زمين نه آھي، Vii فارم زمين ڪٿان آڻي؟. ياد رکو زمين جا مالڪ زميندار سڏبا آھن ھاري نه انڪري ھارين کي رڳو بيوقوف بنائي پئسا زميندارن کي ڏيڻا اٿئو ته پوءِ ڪارڊ جو نالو به زميندار ڪارڊ رکو.. جنهن تي رشيد ابڙو لکيو ته پنجويھه ايڪڙ زمين وارا زميندار ئي ٿي سگهن ٿا ھاري ڪٿان آڻي، محسن خان لکيو ته سڀ هارين کي بيوقوف بنائن جو چڪر آهي، عبدالمجيد مڱريو لکيو ته هارين جي ننڊ حرام ٺاهڻ واري ڪوشش، پهرين عورت ڪارڊ ڏئي انهن کي محتاج بڻايو ويو، هاڻ هارين کي غلام پيا بڻائن، الطاف حسين پتافي لکيو ته هي پنهنجن ماڻهن کي ڪارڊ ٺاهي ڏين ٿا هي ڪنهن غريب لاءِ نه بس رڳو پنهنجن لا۽ ڪيو اٿن، وقار گوپانگ لکيو ته جنھن کي ايتري زمين ھوندي اھو غريب ھاري ڪٿان ٿيندو ؟ حفيظ الطاف لکيو ته جيئن سنڌ حڪومت غريبن لاءِ ٽيوب ويل ڏنا، بجلي بل به حڪومت ادا ڪندي آهي اھا به من پسندن کي، عابد حسين لکيو ته سڀني هارين کي ان ڪارڊ کان بائڪاٽ ڪرڻ گهرجي، موسيٰ ڪنڀر لکيو ته هارين کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، نثار بلوچ لکيو ته سستي شھرت سوچ زميندارن واري ھوندي ته فائدو ھارين کي ڪيئن ملندو؟ ڪابورو الله ڏنو لکيو ته آبادگار ڪارڊ هجڻ گهرجي، جنهن جي زمين ساڍا 12 ايڪڙ تائين هجي، باقي ساڍا 12 ايڪڙ کان مٿي زمين هجي ته ان کان هاري جو شناختي ڪارڊ وٺجي ته جيئن هاري جو به ڪارڊ ٺهي سگهي، علي نواز ساهووال لکيو ته بلڪل هاري جو نالو مال زميندار جو، حفيظ الطاف لکيو ته ڪارڊ انھن کي ملندو جنھن وٽ 30جريب زمين ھوندي، غلام مرتضيٰ، نبي بخش مهر، مصطفيٰ کهاوڙ، ساجد علي، رفيق لغاري، محمد شريف راڄڙ، محمد علي، نويد احمد، غلام مصطفيٰ ڪاتيار، گلزار علي، الطاف راڄڙ، شفيق احمد پتافي، دوست علي تنيو، غلام مرتضيٰ، نور معشوق، ارباب علي رستماڻي، عامر علي، محمد عارف ترڪ، امداد راهپوٽو، شفيع محمد سنڌي،ڄام غلام اصغر، صوبل ڪلهوڙو، علي حسن، احمد کوکر به ردعمل ڏنو. گلشن لغاري به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن تي شاهجهان لغاري لکيو ته توهان خيرخواهه آهيو، ستين فارم سان ٻني هلي ويندي رڪارڊ جو سڄو نظام ٺهيل آهي، ديدار جسڪاڻي لکيو ته ڀاڻ جو اڌ زميندار ۽ اڌ هاري ڀري ٿو جيڪڏهن سبسڊي هوندي ته ٻنهي لاءِ فائدو ٿيندو، زين آرائين لکيو ته ننڍو زميندار به هاري هوندو آهي، زين العابدين ڪنڀر لکيو ته ايئن ناهي، ٻارنهن ايڪڙن تائين هاري ئي هوندو آهي، ٻارنهن کان مٿي وارو زميندار هوندو آهي. وقار علي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھاري ڪارڊ يا زميندار ڪارڊ ؟ ھاري وٽ 25 ايڪڙ زمين ۽ ستون فارم نه بلڪه ڪوڏر ۽ ڏاٽو ھوندو آھي، ڪارڊ جو نالو رکيو اٿو ھاري ڪارڊ، ھاري کان زمين جو Vii فارم گھرو پيا جڏھن ھاري وٽ ذاتي زمين ھجي ھا ته ھو ھاري ھجي ڇا؟ ياد رکو زمين جا مالڪ زميندار سڏبا آھن ھاري نه انڪري ھارين کي رڳو بيوقوف نه بڻايو، جنهن تي عرفان علي چانڊيو لکيو ته اھا لسٽ من پسند ماڻھن ڏي ويندي پوءِ جنھن جي اڳيان رئيس قابو خان لکيل ھوندو ان جي اڳيان ھاري قابو خان لکبو ڪم ٿي ويو، سيد منير حيدر شاهه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته نئون ڊرامو، ” ھاري ڪارڊ” جيڪو کاتو ڏسي ھاري کي ڏيندا، زمين جو مالڪ هاري هوندو آهي يا زميدار ؟ جنهن تي اسدالله چانڊيو لکيو ته زميندار به ھاري ئي آھي. ان طريقي سان سبسڊي من پسند ماڻھن کي ئي ملندي اگر سنڌ حڪومت آبادگارن کي سبسڊي ڏيڻ چاھي ٿي ته ڊي اي پي، يوريا ۽ ڊيزل ۾ سبسڊي ڏئي، محمد ارسلان لکيو ته اهو جاگيردارن کي نوازڻ جو طريقو آهي، اصغر علي وساڻ لکيو ته هاري ڪارڊ به زميندان کي ملندو ۽ زمين جو سڄو خرچ به زميندار هاري کان ڀرائيندا آهن، شهبان مگسي لکيو ته زميندار به اهو جيڪو انهن جو پنهنجو هوندو، سجاد علي مگسي لکيو ته هن وقت زميندار جي حيثيت هاري کان به گهٽ آهي، ماجد علي رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هاري ڪارڊ نه پر اِن کي زميندار ڪارڊ چئي سگهو ٿا.! 25 ايڪڙ زمين هاري وٽ ته نه آهي پئسا به وري زميندارن کي ملندا، ھاري وري به عذاب ۾…..ستار بلوچ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته زميندار ڪارڊ يا هاري ڪارڊ !!؟؟ محمد حسن پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هاري ڪارڊ جي لاءِ ماڻهو چون پيا ته هي ڪارڊ زميندارن کي ملندو، هاري جي معنيٰ ڇا آهي جيڪا زمين ڪنهن داري وري ان ۾ فصل پوکيائين ته ان کي هاري سڏيو ويندو آ هي بس رڳو اها وٺ وٺان لڳي پئي آ ته هاري کي ڪونه ملندو ڪارڊ / باقي مزدور جي الڳ ڳالھه آهي، معشوق کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هاري ڪارڊ جو نالو تبديل ڪري، زميندار ڪارڊ رکو ته بهتر ٿيندو ، ڇو ته ويچارن هارين وٽ ته پنهنجي زمين هوندي ئي ڪانهي..عزيز چانڊيو ته هاري ڪارڊ جي پوسٽ شيئر ڪئي. رسول بخش جمالي، محمد صفر، ايم پي پنهور، ايم سومار ٿهيم، سارنگ جوڻيجو، جاويد جتوئي ۽ ٻين به هاري ڪارڊ بابت پوسٽون شيئر ڪيون.