نيٺ ٿيندو ڇا ؟….. سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن چيئرمين کي هٽائڻ جو فيصلو، جاچ جو حڪم: سوشل ميڊيا تي بحث، سوال اٿڻ لڳا

0
52

 سنڌ حڪومت پاران هيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرمين کي هٽائڻ جو فيصلو ڪندي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي. سنڌ نيشنل ڪميشن جي ميمبر انيس هارون جي شڪايت تي چيف سيڪريٽريءَ هيومن رائيٽس ڪميشن سنڌ جي چيئرمين اقبال ڏيٿو خلاف جاچ جو حڪم ڏنو جنهن بعد سوشل ميڊيا تي اهڙو معاملو بحث هيٺ رهيو، جتي اقبال ڏيٿو کي هٽائڻ تي ردعمل ڏنو ويو اتي ڪميشن ۽ ميمبرز جي ڪردار تي سوال پڻ اٿاريا ويا. ان سلسلي ۾ امداد سومرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اقبال ڏيٿي جي خلاف ڪاروائي جي مذمت ٿي ڪجي.. اقبال هڪ بهترين، پڙهيو لکيو ۽ انساني حقن جو سرگرم ڪارڪن آهي…. هن ڪميشن جو ته پهرين وجود ئي نه هئو.. هن اچي ان کي جياريو آهي… ڪاشف بجير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ۾ انساني حقن جي سگهاري آواز ذھين انساني حقن جي اڳواڻ  اقبال ڏيٿو خلاف پري پلان سازش نامنظور، انساني حقن جي ڪميشن مان اقبال ڏيٿو کي هٽائڻ واري سازش خلاف سنڌ  جي سول سوسائيٽي  پوري سنڌ ۾ سخت احتجاج ڪندي، ايم پريل مري پوسٽ شيئر ڪندي لکيوته سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن جي چيئرمين اقبال ڏيٿو جي خلاف انڪوائري وارو عمل ڪافي افسوسناڪ آهي سنڌ جي موجوده صورتحال ۾ سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن بهتر ڪم ڪري رهي آهي، اقبال ڏيٿو کي پنھنجو مدو پورو ڪرڻ گهرجي، جنهن تي جميل ٻرڙو لکيو ته هيومن رائيٽس ڪهڙا ڪم ڪيا آهن ؟ محمد وارث لکيو ته اقبال ڏيٿو انتھائي قابل ۽ سالن کان ھيومن رائٽس ايڪٽوسٽ آھي پر افسوس ڪجھه عناصر مخالفت ۾ سي ايم سنڌ کي درخواستون ڏئي ھٽائڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن جيڪا سنڌ جا باشعور ماڻھو ھر صورت ۾ قبول نه ڪندا پوري سنڌ ۾ تحريڪ ھلائي ويندي. آفتاب چنا لکيو ته اهو شريف آهي، باقي جيڪو مال کائيندو ته ان خلاف ڪارروائي ته ٿيندي،ڪاشف ڀنڀرو، الطاف حسين، اصغر آزاد به پوسٽ تي ردعمل ڏنو.

ڊاڪٽر اشوٿاما پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اقبال ڏيٿو نئون نشانو: سنڌ ۾ انساني حقن لاءِ هڪ نئون چئلينج: سنڌ ۾ انساني حقن جي تحريڪ سدائين مشڪلاتن جو شڪار رهي آهي ۽ سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن (SHRC) جي چيئرمين، اقبال ڏيٿو خلاف جاچ جو حڪم به انهيءَ ئي عمل جو تسلسل لڳي ٿو. تازو، چيف منسٽر جي انسپيڪشن، جاچ ۽ عملدرآمد ٽيم ڊپارٽمينٽ پاران هڪ نوٽيس جاري ڪيو ويو، جنهن مطابق اقبال ڏيٿو کي هٽائڻ يا نااهل قرار ڏيڻ بابت جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

جاچ جو بنياد ۽ خدشا:

23 جنوري 2025 تي، نيشلنل ڪميشن آن هيومن رائٽس (NCHR) جي سنڌ ميمبر، انيس هارون، ۽ ٻين جي هڪ گڏيل شڪايت تي چيف سيڪريٽري سنڌ کي جاچ لاءِ چيو ويو. ان نتيجي ۾، SHRC چيئرمين خلاف جاچ جو حڪم جاري ڪيو ويو. اهو سڀ ڪجهه پروٽيڪشن آف هيومن رائٽس ايڪٽ 2013 جي سيڪشن 6(A) ۽ 6(D) تحت ڪيو پيو وڃي، پر ان جا تفصيلي سبب ظاهر ناهن.

اسان جي ساٿي ۽ انساني حقن جي تحريڪ سان لاڳاپيل شخصيت انيس هارون جو نالو هن شڪايت ۾ هجڻ ڏکوئيندڙ آهي. جيڪڏهن هي شڪايت حقيقي معاملن تي ٻڌل ناهي، ته ان بابت وضاحت ڏيڻ ضروري آهي.

  ادارتي فريم ورڪ ۽ ان جون حدون:

اهو به ياد رکڻ گهرجي ته SHRC هڪ سرڪاري ادارو آهي، جنهن جا اختيار محدود آهن. اهو HRCP (Human Rights Commission of Pakistan) يا ٻين آزاديءَ سان ڪم ڪندڙ ادارن وانگر مڪمل طور تي خودمختيار ناهي. انهيءَ ڪري، SHRC کي حڪومت جي حدن اندر رهي ڪم ڪرڻو پوي ٿو، جيڪو انساني حقن جي حقيقي وڪالت لاءِ وڏو چئلينج آهي.

اقبال ڏيٿو هن محدود فريم ورڪ ۾ به بهترين ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن پوليس جي ظلمن، جبري گمشدگين، اقليتن جي حقن، ۽ انساني حقن جي ٻين معاملن تي هڪ واضح ۽ جرئت مند موقف اختيار ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو هن کي نشانو بڻائڻ لاءِ سازشون ٿي رهيون آهن.

سنڌ ۾ انساني حقن جي ڪارڪنن خلاف مسلسل ڪارروايون:

سنڌ ۾ انساني حقن جا ڪارڪن ۽ آزاد سوچ رکندڙ فرد سدائين رياستي ۽ غيررياستي قوتن جي نشاني تي رهيا آهن.سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي خلاف ڳالهائيندڙ ليکڪ ۽ صحافي سدائين ڌمڪين ۽ تشدد جو شڪار رهيا آهن.

بلوچستان، ڪي پي ۽ پنجاب ۾ ساڳي صورتحال:

بلوچستان ۾ انساني حقن جا ڪارڪن خاص طور تي جبري گمشدگين ۽ رياستي جبر جو شڪار آهن. سياسي ڪارڪنن ۽ شاگردن کي خاموش ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪيا ويا آهن. خيبرپختونخوا ۾  صحافين تي حملا، پروگريسو سرگرمين خلاف ڪارروايون، ۽ سياسي ڪارڪنن جي جبري گمشدگي مسلسل جاري آهي. پنجاب ۾ به صحافين، انساني حقن جي ڪارڪنن، ۽ سياسي ڪارڪنن خلاف دٻاءُ وڌي رهيو آهي. خاص طور تي فيض فيسٽيول تي بندشن ۽ ليکڪن تي دٻاءُ ان جو مثال آهن. اقبال ڏيٿو خلاف ڪارروائي جي شفاف جاچ لاءِ زور ڏنو وڃي.SHRC جي حدن کي سمجهندي به، ان جي خودمختياري لاءِ آواز اٿارڻ ضروري آهي. انيس هارون جي نالي کي استعمال ڪرڻ بابت وضاحت گهري وڃي. سڄي پاڪستان جي سول سوسائٽي کي گڏ کڻي، انساني حقن جي تحريڪ کي مضبوط ڪيو وڃي. اڄ آواز اٿارينداسين، ته سڀاڻي نه فقط اقبال ڏيٿو، پر سڀني حق پرستن لاءِ دروازا بند ٿيڻ کان بچائي سگهجن ٿا.  جنهن تي لطيف جمال لکيو ته مرضي اٿن. هر اداري کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکڻ،  فقير مصطفيٰ مري لکيو ته اقبال ڏيٿو خلاف ڪھڙا الزام لڳايا ويا آھن پر اھا پڪ آھي ته اقبال ڏيٿو بيگناهه ثابت ٿيندو، ساگر ابڙو لکيو ته انيس ھارون جو نالو استعمال نه پيو ڪيو وڃي پر ھوءَ ئي شڪايت ڪندڙ آهي، عباس کوسو لکيو ته معاملو ائين به ناھي جيئن اوھان ھتي پيش ڪيو ٿا،اھا سزا ڪائي سنڌ جي عشق ۾ به ڪونھي،اصل معاملو اڃا ٻيو آھي منھنجي خيال ۾ ان پاسي تي ڳالھايو وڃي.منھنجي سنڌ جي ڌرين کي وينتي آھي ته اصل حقيقت تي اچجي ته اھو ائين ڇو پيو ٿيئي.ذلفي راڄپر لکيو ته هي بهترين ڪم ڪري رهيو آهي، هن خلاف سازش ڇو ڪئي پئي وڃي، عبدالرحمان پيرزادو لکيو ته ھڪ سرڪاري ملازم تي لڳل الزامن جي ڇنڊڇاڻ ٿيڻ ته بھتر عمل آھي. شبير شر لکيو ته اقبال ڏيٿو کير جو ڌوتل ڪونھي، انڪواري روڪڻ بدران ٿيڻ ڏيو ان مان گھڻائي وکا پڌرا ٿيندا، الطاف پيرزادو لکيو ته اقبال ته بھترين ڪم ڪري رھيو ھو، جيڪي الزام آھن سي به سامھون اچڻ گھرجن، اڪبر لاشاري به ردعمل ڏنو، ساريو سنڌيار لکيو ته اقبال ڏيٿو ايمنسٽي انٽرنيشنل کان وٺي قومي ۽ عالمي ادارن سان سلھاڙيل رھيو آھي سوين ڪيس ڏٺا اٿس پر اقبال شاھنواز ڪنڀر جي ڪيس تان جنھن انداز ۾ پردو کنيو ۽ ڪردارن جي نقاب تان پردو کنيو ان تي مٿس ناراض ٿيا هئا، انساني حقن جي ادارن جي ماڻھن وٽ به لساني ۽ نسلي بنياد ڪڏھن ڪڏھن اڀري ٿا اچن ڇا ڪجي؟.اقبال حسين پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرمين اقبال ڏيٿو خلاف انڪوائري: هڪ شخص لکيو ته سنڌي آهي تڏهن نٿا چاهين ته عهدي رهي، وري به سنڌي آهي واري ٽيگ لائين وڏي ڀينگ ڪئي آهي، ماضي ۾ گهڻن ئي سنڌي ڪارڊ کيڏي پنهنجا مفاد حاصل ڪيا،  پهريون انڪوائري ٿيڻ ته ڏيو! مالڪ جواب ته داخل ڪرائي، رپورٽ اچي پوءِ ڪا راءِ قائم ڪجي، شڪايت به مس انيس هارون ڪئي جيڪا نيشنل ڪميشن آن هيومن رائيٽس سنڌ جي ميمبر آهي.