نيٺ پ پ قيادت کي ڳالهين لاءِ ‘راڻي’ ريجهائي ورتو!

0
44
يونيورسٽين ۾ شاگردن جا مسئلا ۽ شاگرد يونين وارو جٽادار حل

سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله وزير اعظم کي صلاحون ته الائي ڪهڙيون ڏيندو هوندو، پر هو ڪجهه ڏينهن کان جتي سنڌ جي قومپرست ڌرين خلاف اندر جي اوٻر ڪڍي رهيو آهي، اتي سنڌ جي حڪمران جماعت ۽ وفاق ۾ نواز ليگ سان اقتدار ۾ شراڪتدار پ پ کي نه صرف ڇينڀيندو رهيو آهي پر دهمان به ڏيندو رهيو آهي. جڏن ته سنڌ دريا خاطر احتجاج ڪندي ڪئنالن جي مخالفت ڪري رهي آهي. پر حيرت اها آهي ته اهو “بيربل ثاني” نون ليگي صلاحڪار انکي سياست قرار ڏيئي رهيو آهي. ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي لڳل تاريخي ڌرڻي ۽ ان سبب محدود پئماني تي ئي سهي، پنجاب جو “حقو پاڻي” بند ٿيڻ جي ڪري “ميانجيز” کي سنڌ جي ڪاوڙ جو ڪجهه ادراڪ ٿيو آهي، جن لفظن جي مهاڀاريءَ سان سنڌ تي وسڪارا ڪندڙ “راڻا صحيب” کي سنڌ جي حڪمرانن سان ڳالهائڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي. جنهن کان پوءِ راڻو ريجهي آيو آهي ۽ ان پ پ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سان فون تي رابطو ڪندي ڪئنالن جي معاملي تي ڳالهين لاءِ زور ڀريو آهي، ۽ اڳ ۾ پ پ قيادت، جيڪا اهو چوندي رهي آهي ته پهرين وزيراعظم ڪئنالن جو فيصلو واپس وٺي، پوءِ ڳالهيون ٿينديون، تنهن کي راڻي ريجهائي ورتو آهي. شرجيل انعام ميمڻ ڳالهين لاءِ ‘راڻي’ سان راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ ڪئنالن خلاف سراپا احتجاج آهي، پر هاڻي سنڌ جي اها ڪاوڙ “شعلا شعلا واءَ ۾، چڻنگون چڻنگون پٽ” جي صورت وٺي چڪي آهي. سنڌ جي سياسي جماعتن جو اهڙو اتحاد تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن به نظر نه آيو هو. هن وقت سماج جا سمورا پرت احتجاج ۾ شامل آهن. معذور، خواجا سرا، سول سوسائٽي، عورتون، ٻارڙا تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن. حقيقت اها آهي ته دنيا ۾ ايترو نقصان بمن ۽ بارودن به ناهي ڪيو، جيترو لفظن  جي نامناسب استعمال سان ٿيو آهي. لفظن جو استعمال به هڪ آرٽ آهي، ۽ سياست جي شعبي ۾ ته ان جي اهميت ويتر وڌي وڃي ٿي. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته، سنڌ جي تاريخي احتجاج بابت اهڙا بيان ڏنا پيا وڃن، جنهن سان ڪاوڙ ۾ ويتر اضافو ٿي رهيو آهي. پنجاب جا وزير ۽ وفاقي اڪابر ته مُٺ کان مٿي لڻي رهيا آهن، پر سنڌ جو وڏو وزير به جڏهنان تاريخي احتجاج لاءِ 15- 20 ماڻهن ڪئنالن خلاف احتجاج نه پر پ پ جي جلسي خلاف سازش ڪئي آهي، ته حيرت ٿئي ٿي. جيتريقدر ڙاڻا ثناءُ الله جي بيانن  جو تعلق آهي، اهو معاملي کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ بدران ان کي رڳو دهمانن تي زور آهي. هڪ طرف تڪراري ڪئنالن بابت چئي رهيو آهي ته اها سياست ڪئي پئي وڃي، احتجاج اجايو آهي، هو پ پ کي پڻ “ذميواريءَ جو مظاهرو ڪرڻ” لاءِ ڇينڀيندو رهيو آهي. هاڻي پ پ ان سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪندي؟ ظاهر آهي ته جڏهن راڻا صاحب اڳ ۾ ئي فيصلو صادر ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري هاڻي ڳالهيون نون ليگ جي ئي شرطن تي ٿينديون.

راڻا صاحب چوي ٿو ته 1991ع واري پاڻي ٺاهه ۽ ارسا ايڪٽ جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن سان ناانصافيءَ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. صلاحڪار صاحب کي اسان اهو ياد ڏيارڻ چاهيون ٿا ته، پاڻي ٺاهه تي شروع کان وٺي عمل نٿو ٿئي ۽ ارسا ته پنجاب ۽ وفاق جي ڌر بڻيل آهي، جنهن پاڻي نه هجڻ باوجود ڪئنالن لاءِ پاڻيءَ جي موجودگيءَ جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب ڪنهن به واعدي ۽ معاهدي تي عمل لاءِ تيار نه آهي. 1991ع واري پاڻي ٺاهه تحت ورڇ نه پئي ٿئي. ان ئي ٺاهه جي ڪُک مان 1994ع ۾ ٽه رخي فارمولا جو جنم ٿيو. پنجاب فلڊ ڪئنالن کي دائمي واهه بڻائي ٻارهو ئي هلائي پاڻي کڻي رهيو آهي. سنڌ کي پاڻي گدوءَ وٽ پهچائي ڏيڻ بدران چشما وٽ ڏنو وڃي ٿو، رستي ۾ ئي ان پاڻيءَ جو وڏو حصو لفٽ مشينن ذريعي چورايو وڃي ٿو. ٻيو ته ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي گھرج موجب ڇڏڻ ته پري جي ڳالهه، جياپي جيترو پاڻي به نٿو ڇڏيو وڃي. ڊيلٽا ۾ تباهي آئي آهي، ساحلي پٽيءَ تان وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ٿي رهي آهي، سمنڊ ڌوڪيندو اڳتي وڌي زرخيز زمينون ڳڙڪائيندو وڃي. ڪئنال ٺاهي سنڌوءَ جو پاڻي روڪڻ سان سڄي تهذيب ختم ٿي ويندي. ماحوليات ۽ معيشت جو موت ٿيندو. درياهه کي قيد ڪري هر شئي کي تباهيءَ جي اونهين کاهين ۾ اڇلايو پيو وڃي. ڇا سنڌ پنهنجي تباهيءَ جو تماشو خاموشيءَ سان ويهي ڏسي؟ هتي ڊيمن کي ڀرڻ لاءِ به ڪو طريقيڪار نه هوندو آهي. جڏهن سنڌ ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ هوندي آهي ته پنجاب منگلا ڊيم ڀرڻ شروع ڪندو آهي، ته متان پوءِ ڀرجي نه سگهي. جڏهن ٻوڏ واري صورتحال هوندي آهي ته اهو ڊيم جو پاڻي وري مين اسٽريم ۾ واپس ڇڏيو ويندو آهي. هن وقت به جڏهن سنڌ ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي نه پيو ملي، تربيلا ۽ منگلا ۾ پاڻي ذخيرو ڪيو پيو وڃي.

اسان ڳالهين جا مخالف نه آهيون، جو اسان سمجهون ٿا ته معاملا ميز تي حل ٿيڻ گهرجن، پر ڪئنالن واري معاملي ۾ ڪنهن به دٻاءَ کي قبول نه ڪرڻ گهرجي. پاڻي سنڌ جي زندگيءَ ۽ موت جو مسئلو آهي ۽ پ پ قيادت کي “پهرين وزيراعظم ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺي، پوءِ ڳالهيون ٿينديون” واري گهر تي پختگيءَ سان بيهڻ گهرجي.