نيٺ ته عمران خان به ٿڪجي گرفتاري ڏيندو: راڻاثناءُ الله

0
141

فيصل آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان ڀڄي ڀڄي ٿڪجي پوندو، پوءِ گرفتار ٿي ويندو، عمران خان گرفتاري کان بچڻ لاءِ اهڙين بيمارين جا بهانا ڪري رهيو آهي، جيڪي ڪنهن ٻئي کي هونديون به ٻڌائڻ کان لنوائيندو،

فيصل آباد ۾ نون ليگ جي جلسي کي خطاب ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته چونڊون به ٿينديون ۽ عمران خان جيل به ويندو، ڪارڪنن پنهنجي تياري جاري رکن

هن چيو ته نواز شريف ايندو ۽ جلد قيادت سنڀاليندو، پهرين به ملڪ بحرانن جي ور چڙهيو ته نواز شريف اڳتي آيو، هاڻي به نواز شريف ئي ملڪ کي بحرانن مان ڪڍندو