نيو ڇور(ن پ ا) نيوڇور شھر ۾ پاڻي جي گٽر نالي جي معمولي ڳالھه تان مھيشوري برادري ۽ عمراڻي برادري جي 2 ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪھاڙيون ۽ لٺيون لڳڻ سبب مھيشوري برداري جا ڇھه ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن ۾رميش ڪمار، سريش ڪمار، ھريش ڪمار، دليپ ڪمار، اڀيمن ۽ وڪرم ڪمار شامل آهن، زخمين کي اسپتال ۾ داخل  ڪيو ويو آهي، متاثر ڌر ٻڌايو ته اسان مٿان عمراڻي برداري وارن حملو ڪيو، جنهن ۾ اسان جا ڇھه ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، رابطو  ڪرڻ تي ايس ايڇ او ٻڌايو ته پنج ماڻهو حراست ۾ ورتا آهن، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا متاثر ڌر جو ڪيس داخل ڪيو ويندو،