ملير (رپورٽ: ناز شر)ملير اٿارٽي انتظاميه جي گهگهر ۾ واقع نيو ملير هائوسنگ اسڪيم مان قبضا ڇڏائڻ لاءِ ڪارروائي، ڪيس داخل، ان ڏس ۾ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي (ايم ڊي اي) عملي اينٽي انڪروچمينٽ فورس ۽ روينيو عملدارن ڳري مشنري ساڻ ڪري ڪمرشل پٽي تي اڏيل قبضا ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، ڪارروائي دوران لنڪ روڊ تي واقع ايم ڊي اي جي سيڪٽر 18 ۾ 12 ايڪڙن تي برسات متاثرين لاءِ قائم ڪيل ٽينٽ سٽي تي اڏيل ڪچيون ۽ پڪيون اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون ويون ، ان سلسلي ۾ ملير اٿارٽي جي ڊي جي نجب الدين سهتو ٻڌايو ته ڪارروائي ۾ مختيارڪار، ايم ڊي اي جا آفيسرن، اينٽي انڪروچمينٽ عملي ۽ ملير پوليس حصو ورتو،اسان ايم ڊي اي جي ڪمرشل ڪوريڊور جي قيمتي زمين تان قبضا ختم ڪرايا آهن، هن چيو ته قبضا ڪندڙن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويندي.