نيوسعيدآباد(ن پ ا) ٻ مھينا اڳ ڏيڊ سالا معصوم پٽ اياز علي سميت اغوا ڄاڻايل ناري بينظير حاجاڻو جو ٽنڊو ڄام ڀرسان پراسرار نموني مليل لاش حيدرآباد اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد اباڻي ڳوٺ نيوسعيدآباد ڀرسان ڳوٺ باگو حاجاڻو ۾ رات دير سان پھتو ته ڪھرام مچي ويو سندس وارث اڀ ڏاريندڙ دانھون ڪري روئندا رھيا فوتي عورت جي پيءُ، مڙس ۽ ٻين وارثن پاران ناري کي قتل ڪري مارڻ جو الزام وارثن جو لاش روڊ تي رکي احتجاج ڪيس داخل ڪري قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، فوتي عورت جي مڙس نياز حاجاڻو جو چوڻ آھي ته 2مھينا اڳ ٽنڊو ڄام ڀرسان ڳوٺ ڪريمداد خاصخيلي ۾ منٺار خاصخيلي جي گھر دعوت تي وياسين آئون ٿورو ٻاھر ڪم سان ويس ته پويان منٺار خاصخيلي ھڪ عورت ۽ ٽن مردن جي مدد سان منھنجي زال ء معصوم پٽ کي  اغوا ڪري ويو،  مون سيشن ڪورٽ وسيلي ٽنڊو ڄام ٿاڻي تي سندس اغوا جو ڪيس گھر ڌڻي منٺار خاصخيلي سميت پنجن ڄڻن تي ڪرايو پر پوليس کين بازياب نه ڪرائي سگھي نه ئي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ۽ ھاڻ اسان کي لاش مليو آھي، ھن چيو ته منھنجي زال تي بيدردي سان تشدد ڪري کيس قتل ڪيو ويو آھي، فوتي عورت جو لاش سندس اباڻي قبرستان ڳوٺ باگو حاجاڻو ۾دفنايو ويو، واقعي جو ڪيس ٽنڊو ڄام ٿاڻي تي اڃان تائين داخل  نه ٿيو آھي.